اصل مير جعفر ۽ مير صادق نواز شريف ۽ شهباز شريف آهن: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ادارن جي توهين جي الزامن جو جواب اڄوڪي جهلم واري جلسي ۾ ڏنو ويندو، اسلام آباد ۾  پارٽي جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز فوج تي حملا ڪندا آهن ۽ الزام وري منهنجي مٿان لڳائيندا آهن، هن چيو ته شريف خاندان سڄو ڪوڙو آهي، هن ملڪ جا اصل مير جعفر ۽ مير صادق نواز شريف ۽ شهباز شريف آهن، مديني واقعي تي اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ تي کين شرم اچڻ گهرجي، موجوده حڪمران صرف ملڪ لٽڻ آيا آهن، آئون سياست نه پر جهاد ڪري رهيو آهيان، جيڪي ماڻهو مارچ ۾ اسلام آباد نه ٿا پهچي سگهن اهي پنهنجن علائقن ۾ احتجاج ڪن، هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ منڊي لڳي، ضمير خريد ۽ وڪرو ڪيا ويا پر ڪنهن به ان جو نوٽيس نه ورتو، جمهوريت ۽ اخلافيات تباهه ٿي رهي آهي، جنهن جو ڪنهن کي به فڪر ناهي. هنن مونکي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، هي ڪهڙا به پلان جوڙين، کين نقصان پهچندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.