وزيراعظم پاران کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي.هوڏانهن  وزيراعظم شهباز شريف عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ معاشي مشڪلاتن جي موثر تدارڪ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل خان ڳالهائيندي ڪئي جنهن سومر ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.