سنڌ سرڪار ڊاڪٽر نديم قمر کي ايس آءِ سي وي ڊي تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ڊاڪٽر نديم قمر جي ٻٽي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌکي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري وڪيل عدالت ۾ چيو ته اسان ايس آءِ سي وي ڊي تان ڊاڪٽر نديم قمر کي هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پروفيسر جاويد اڪبر سيال کي ايس آءِ سي وي ڊي جو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، درخواستگذار ڊاڪٽر طارق شيخ پنهنجي موقف ۾ چيو ته ايس آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو کي چئن سالن لاءِ مقرر ڪيو وڃي، ڊاڪٽر نديم قمر هڪ وقت ۾ ٻن عهدن تي مقرر آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.