ڏيپلي ۽ سڪرنڊ ۾ يونيورسٽين جو اعلان، عمران خان ملڪ ٽوڙڻ جي سازش پيو ڪري: آصف زرداري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي صدر آصف علي زرداري عمران خان طرفان قومي ادارن جي خلاف نفرت انگيز مهم هلائڻ جي سخت مذمت ڪندي ان عمل کي احتساب کان بچڻ لاءِ ڀونڊي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پنهنجي رد عمل ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام جي چونڊيل پارليامينٽ کي هٿان هڪ آئيني عمل جي ذريعي اقتدار مان بي دخل ٿيڻ بعد عمران خان ذهني تواز وڃائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي قومي ادارن تي حملي آوار ٿي رهيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي الزام بازي جي پٺيان ڪرپشن ڪيسن ۽ فارن فنڊنگ ڪيس جو خوف آهي جن جي سزا کان بچڻ لاءِ هو قومي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اقتدار جي لالچ ۾ عمران نيازي سمورن حدن کي پار ڪري جنهن نهج تي وڃي رهيو آهي اهو ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه ٽڪڙا ڪرڻ جي سازش لڳي رهيو آهي. هن چيو ته قومي ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلائڻ کان علاوه عمران خان پاڻ جلسن ۾ ڪوڙ تي ٻڌل سازشي بنانيي جي ذريعي ماڻهن جي جذبات کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ رهيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته عمران خان ڪرسي جي ڪري نفرت ڦهلائي نه صرف پاڪستان جو نقصان ڪري رهيو آهي پر قومي ادارن جو به نقصان ڪري رهيو آهي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان جي انهن ئي حرڪتن جي ڪري هو گذريل پوڻن چئن سالن ۾ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بجاءِ پوئتي کڻي ويو. هن ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ ان ۾ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ جيڪا مهم هلائي آهي اهو پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ خطرناڪ آهي ۽ ان جو فائدو ملڪ دشمن قوتن کي پهچندو. هن چيو ته پاڪ فوج نه صرف پاڪستان جي سرحدن جي محافظ آهي پر آئين ۽ جمهوريت جو تحفظ به ان جي ذميداري آهي تنهن ڪري ان کي سياست ۾ گهلڻ ۽ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ملڪ سان راند  برابر عمل آهي. هن چيو ته اقتدار مان بي دخل ٿيڻ بعد چريائپ جو شڪار ٿي ڪري عمران خان نه صرف فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هو آئين کي پائمال ڪرڻ ۾ به رڌل آهي. هن چيو ته ٻين کي غدارن جا طعنا ڏيندڙ عمران نيازي پاڻ مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ادا ڪندي پاڪستان جي سلامتي کي داءُ تي لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل آهي جنهن جو هن کي پاڻ ڀوڳڻو پوندو، هوڏانهن اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مان عوام جي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهيان ۽ عوام کي حق ڏياري ئي سک جو ساهه کڻندس. نئون ديرو هائوس ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن سان ملاقات جي موقعي تي خطاب ڪندي سابق صدر مملڪت وڌيڪ چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ جي نوجوانن پنهنجي قابليت تي تعليم سميت هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. هن چيو ته مان ٿرپارڪر جي نوجوانن لاءِ تمام گهڻو فڪر مند رهندو آهيان ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلو ۾ تمام جلد هڪ يونيورسٽي قائم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سڪرنڊ ۾ به هڪ يونيورسٽي ٺاهينداسين جيڪا نوجوانن کي جديد طرز تي تربيت فراهم ڪندي. ان موقعي تي خورشيد احمد جوڻيجو، سهيل انور سيال، عامر خان مگسي، سردار چانڊيو، حزب الله ٻگهيو، نذير ٻگهيو، پير صادق، گهنور اسراڻ، رميش لال ، اعجاز لغاري، محمد علي ٻگهيو، عمران جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.هوڏانهن  اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽرين جي صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتح خواني ڪرڻ بعد بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي به حاضري ڏني ۽ انهن  جي ايثال ثواب خاطر فاتح خواني پڻ ڪئي. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي شهيدن جي مزار کي عام ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.