بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ ڪرپشن جي  جاچ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي بابت ڪرپشن جون شڪايتون سامهون آيون آهن جن تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته  ملڪ ۾ گرين هائوس گيسز جي ڪري آلودگي ۽ هيٽ ويو ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ سمورن صوبن جي نمائندن تي ٻڌل ڪائونسل قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي تي خدشا سامهون آيا آهن. سرڪاري فنڊز جي جوابدهي ڪرڻي پوندي. انهن شڪايتن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ان منصوبي جي جاچ ڪري رهيو آهي.

چوڌري سرور جي ن ليگ ۾ شموليت جا امڪان، ترجمان جي ترديد

لاهور(م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور جي ن ليگ ۾ شموليت جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، جڏهن ته سندس ترجمان ترديد ڪئي آهي. چوڌري سرور ڪالهه عمري جي ادائيگي بعد لاهور پهتو،  سعودي روانگي کان اڳ سندس ن ليگ اڳواڻن سان ڳالهه ٻول ٿيڻ جا اطلاع آهن. ن ليگ ۾ شموليت بعد هو لاهور جي علائقي شاهدرا مان چونڊ وڙهندو. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جي معاملي تي چوڌري محمد سرور جي ترجمان راشد سپرا چيو آهي ته سياسي مستقبل جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو. خانگي چينل بنا تصديق ۽ موقف وٺڻ جي  خبر ڏيڻ کان پاسو ڪن. 03

ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اهم گرفتاريون يا نظربنديون !

لاهور (عوامي آواز نيوز) آخرڪار ادارا سرگرم ٿي ويا، مريم نواز جي جعلي وڊيو ٺاهي وائرل ڪندڙ فياض نالي شخص پشاور مان ايف آءِ اي هٿان گرفتار ڪيو ويو آهي، نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ انتهائي وڏين شخصيتن جي گرفتاري يا نظربنديءَ جا افواهه پکڙيل آهن، اسلام آباد ۽ لاهور جي سياسي حلقن ۾چئو ٻول آهي ته عمران خان ۽ شيخ رشيد کي ادارن تي حملن، ملڪ ۾ انارڪي ۽ گهرو ويڙهه جهڙا خطرناڪ بيان ڏيڻ تي ادارن کين ڪافي  پيغام اماڻيا پر موٽ ۾هو پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران بي قابو آهن، عمران خان کي رٽائرڊ چيف جسٽس ٽاقب نثار ذريعي پيغام اماڻيو ويو هو پر عمران تي ڪوبه اثر نه پيو ايبٽ آباد جلسي ۾به هن طاقتور اداري جي سربراهه خلاف وڌي چڙهي ڳالهايو جنهن کانپوءِ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ يا نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ان سان حالتون وڌيڪ خراب به ٿي سگهن ٿيون، پر ادارا سموري صورتحال کان واقف آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.