مريم نواز فوج بابت پنهنجي گفتگو تي معافي گهري: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ ملوث نه ڪيو وڃي، مريم نواز پنهنجي گفتگو تي معافي گهري.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان ڪڏهن به ڪنهن به اداري تي تنقيد نه ڪئي آهي، هميشا اهو چيو آهي ته فوج جو ادارو ڪمزور ٿيو ته پاڪستان ڪمزور ٿي ويندو، عمران خان جهڙي طرح ادارن کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ان جو ڪو مثال ئي ناهي.هن چيو ته هڪ مخصوص طبقي کي ادارن خلاف کيڏڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.