اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور ۽ شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته چوڌري سرور جي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات محمود ٿي هئي ۽ ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو هو، ڪالهه چوڌري سرور جي پٽ انس سرور جي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ انس سرور ن ليگ ۾ شموليت جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ۽ ايم اين اي جي سيٽ به گهري آهي، ساڳي طرح اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کانپوءِ پي ٽي آءِ کان پاسيرو آهي ۽ ڏکڻ پنجاب جي عامر ڊوگر ۽ ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا شروع ڪيا آهن ته نئين پارٽي ٺاهجي يا ڪنهن پارٽي ۾ شموليت ڪجي ڇو ته شاهه محمود قريشي ڪنهن به صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ نه ٿو چاهي، جڏهن ته ان حوالي سان عمران خان ۽ شيخ رشيد بلڪل به ٽڪراءَ طرف وڌي رهيا آهن، جيڪو شاهه محمود برداشت نٿو ڪري سگهي.