يوٽيلٽي اسٽورن تي مصالحا به مهانگا ٿي ويا

اسلام آباد(م ڊ) يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن دالين ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ مصالحن جي اگهن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي، واڌ بعد 200 گرام ڳاڙهن مرچن جي ٿيلهي 36 رپيا مهانگي، 100 گرام هئيڊ جي اگهه ۾ 4 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 200 گرام ڌاڻن تي 9 رپيا، 50 گرام وڏن ڦوٽن تي 18 رپيا، ننڍن ڦوٽن تي 13 رپيا، اڇي جيري تي 23 رپيا، لونگ تي 16 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي. اگهن تي واڌ فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.