پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز جي مقرري سنڌ حڪومت جي بيوسي آهي: راشد محمود

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد خالد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب سِنڌ ڪربلا جو منظر پيش ڪري رھي آھي، پنجاب ۾ غير قانوني لنڪ ڪئنال بند ڪرايا وڃن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي حصي جي پاڻي جي چوري ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي رھيا آھن، سکر بئراج تي پاڻي جي تقسيم منصفاڻه ورڇ نه ٿي ٿئي، نارا ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن تي پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز جي ڊيوٽي لڳائڻ شرمناڪ عمل آهي ۽ سنڌ حڪومت جي بيوسي جو ثبوت آهي، حڪمران پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ننڍن آبادگارن جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.