معصوم ٻارڙي گاڏي جي دري مان ڪِري پئي، رهڙ به نه آئي!

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ نيشنل هاءِ وي تي جوڳي موڙ وٽ وڏو معجزو پيش آيو، ٿيو هيئن جو تيز رفتار ڪوسٽر جي دري مان معصوم ٻارڙي ڪِري پئي پر کيس رهڙ به نه آئي، پوليس موجب ٻارڙي جي ڄمار ڪجهه مهينا آهي، جيڪا ڪوسٽر ۾ سفر ڪندڙ پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ هئي، سندس ماءُ کي گاڏي ۾ ننڊ اچي وئي، ان دوران ٻارڙي نيشنل هاءِ وي تي جوڳي موڙ وٽ تيز رفتار ڪوسٽر جي دري مان ھيٺ روڊ تي ڪري پئي، پر کيس رهڙ به نه آئي، پوليس موجب نارٿ ڪراچي جي فيملي ڪينجھر ڍنڍ تان واپس ڪراچي اچي رھي هئي ته ساڻن واقعو پيش آيو، پوليس موجب پوليس اھلڪار ولي محمد، روڊ تان گذري رھيو ھو ته  ان کي ٻارڙي روڊ تي نظر آئي، جنهن کي هن فوري طور تي ويجھي اسپتال پهچايو،پوليس موجب قائد آباد ڀرسان پھچڻ تي نينگري جي ماءُ کي محسوس ٿيو ته سندس ڌيءُ ان جي گود ۾ نه آهي، جنهن بعد هنن واپس ساڳي رستي تي اچي پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن دوران کين ٻارڙي جو ڏس پتو پيو، ان کانپوءِ شاھ لطيف ٽائون پوليس نينگري کي والدين جي حوالي ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته والدين سفر دوران احتياط ڪن ۽ ٻارن جي حفاظت ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.