کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حقن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن پورهيتن جي حقن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت وفاقي مائنز کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهڙو ڪم ڪندڙن پورهيتن جي حقن جي حوالي سان ڇا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن وفاقي سيڪريٽري مائنز جواب نه ڏنو ته اسان ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪنداسين .ايڊووڪيٽ عامر رضا نقوي چيو ته اسان جو ڪيس 2013ع کان التوا هيٺ آهي .کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ هڪ مشڪل ۽ خطرناڪ آهي، پورهيتن جي زندگي ۽ صحت خطر ي ۾ هوندي آهي، درخواستگذار گلزار امجد خان پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان جي ڪم جو ڪوبه وقت نه هوندو آهي کاڻين جي اندر وڃڻ کان پوءِ اسان جي زندگي کي خطرو هوندو آهي، اسان کي صحت جي ڪابه سهولت ميسر نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.