سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ قدرتي نه پر هٿرادو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدلقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ لال جروار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ قدرتي نه پر هٿرادو آهي. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي تمام گهڻو آهي. گرمي پد جي وڌڻ سبب گليشيئرز تيزي سان ڳري رهيا آهن جنهن ڪري انڊس ڊيلٽا سسٽم يعني سنڌو درياءَ ۾ پاڻي تمام گهڻو پهچي ٿو پر پنجاب ۽ هندستان جا حڪمران سنڌو درياءَ جا مٿيان يا اڳيان ڀائيوار هئڻ جو ناجائز فائدو وٺي سنڌ جو پاڻي روڪيون ويٺا آهن. اڳواڻن چيو ته پنجاب جي حڪمرانن پيپلز پارٽي جي سهڪار سان غيرقانوني ڪينالن، هيڊورڪس ۽ ڊيمن ذريعي سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت سنڌي قوم سان جنگي قيدين وارو رويو رکي ٿي جنهن سبب سنڌي عوام جي پيئڻ جو پاڻي بند هئڻ باوجود وفاق ڪي به اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه جيان هن دفعي به پاڻي چوري ۾ پنجاب جي حڪمرانن سان مليل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.