پنجاب سدائين پاڻي تي ڌاڙو هنيو آهي: صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،امجد خان مهيسر ،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو چيو آهي ته سنڌو درياھ جي پاڻي تي پهريون  حق سنڌ جو آهي، پر پنجاب سدائين طاقت، ڏاڍ ۽ زور جي بنياد تي سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندو رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ سدائين پاڻي جي بحران کي مُنهن ڏنو آهي، هاڻي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 51 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جيڪا انتهائي خراب صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، هنن چيو ته 1991ع جي تڪراري پاڻي ٺاھ مطابق پنجاب کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏڻو آهي جنهن تي به سنڌ سرڪار عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، پپپلز پارٽي جا وزير سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ڪيس وڙهڻ بدران سنڌ سان پاڻي واري معاملي تي سدائين ويساءُ گهاتي ڪندڙ پنجاب جي وڪالت ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري نٿو ڪري، پاڻي جي قدرتي کوٽ آهي خورشيد شاهه جو اهو بيان مذمت جوڳو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.