ڪشمور ۾ پاڻي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪشمور(ن ع آ)ڪشمور ۾ ايس ٽي پي صدر رفيق احمد چنا جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جبار سولنگي غفار ڀٽي ساجد مزاري مور چاچڙ محمد صالح سومرو ۽ ٻين سنڌ سميت گڊو بئراج ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي وفاقي حڪومت کان سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ايس ٽي ڪشمور جي ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب سدائين سنڌ جو پاڻي روڪي آبادگارن کي بک بدحالي طرف ڌڪي معاشي قتل ڪيو آهي ھنن چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه ۾ چاليهه هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي پھچڻ کان اڳ پنجاب جي حدن ۾ 20 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري سنڌ جي آبادگارن جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿين ٿيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.