دنيا عارضي آهي، روحانيت جو سفر ئي اسان جي ڪم ايندو: شهناز گل

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا، ماڊل ۽ ڳائڻي شهناز گل چيو آهي ته مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته هيءَ دنيا عارضي آهي، بس روحاني سفر ئي اسان جي ڪم ايندو، ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

فلمن ۽ ٽيليويزن سوڌو بگ باس هائوس مان شهرت ماڻيندڙ شهناز ڪور گل ڀارتي ميڊيا سان گفتگو دوران چيو ته روحانيت ۾ پهرين دلچسپي گھٽ هئي پر هاڻي ان بنا ڪجهه ناهي.

هن جو چوڻ هو ته اصل ۾ منهنجي جيڪا حقيقت آهي اها گھڻي خالص آهي، مون کي روحانيت سان گھڻو لڳاءُ آهي.

شهناز جو چوڻ هو ته اسان جي زندگي ۾ ذهني صحت اهم آهي ۽ مان محسوس ڪندي آهيان ته جيڪڏهن اسان خوش آهيون ته هي سڀ سٺو لڳندو آهي ۽ تڏهن ئي ڪم ڪري سگھون ٿا، تنهن ڪري منهنجو روحاني سفر گڏ گڏ هلي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.