ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ٻه ڊبل سينچريون هڻندڙ شان مسعود پليئر آف منٿ قرار

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اوپنر شان مسعود انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ پروفيشل ڪرڪيٽر ايسوسيئيشن جو پليئر آف دي منٿ ايوارڊ کٽي ورتو.

شان مسعود ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي اپريل لاءِ پليئر آف دي منٿ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

شان مسعود انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڊربي شائر جي نمائندگي ڪندي اپريل ۾ ٻه ڊبل سينچريون اسڪور ڪيون.

شان مسعود جو مقابلو 3 ڪائونٽي رانديگرن سان هو، قومي ڪرڪيٽر بين ڪانمٽن، ڪيٿ بارڪر ۽ هيري بروڪس جي ڀيٽ ۾ 46 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري اهو ايوارڊ کٽيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.