عمران خان ايبٽ آباد جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪي پي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪيو

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن ايبٽ آباد جلسي ۾ شرڪت لاءِ خيبر پختونخواهه حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪيو.

عمران خان اسلام آباد کان ايبٽ آباد آيو ۽ واپس اسلام آباد به صوبائي حڪومت جي هيلي ڪاپٽر ۾ ويو.

ياد رهي ته عمران خان خلاف پهريون به صوبائي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ تي قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ جاچ ٿي رهي آهي.

ان حوالي سان ڪي پي جي وڏي وزيرر محمود خان جي اطلاعات بابت خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وڏو وزير محمود خان اسلام آباد کان ايبٽ آباد جلسي لاءِ آيو.

بئريسٽر موجب وڏي وزير کي اختيار آهي ته هو پاڻ سان گڏ ڪنهن کي ٿو کڻي، وڏو وزير ايبٽ آباد کان واپس اسلام آباد ويو، وڏي وزير سان گڏ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به سفر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.