موسميات کاتي سنڌ ۾ سخت گرميءَ کان خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 11 مئي کان گرمي وڌيڪ شدت سان سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگھي ٿي.

موسميات کاتي موجب دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ، جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ گرمي پد 45 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 12 کان 14مئي دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گرمي پد 40 يا ان کان وڌيڪ ٿيڻ جو خدشو آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ گرمي جي لهر 16 مئي تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.