ميھڙ : راڌڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻرڙا جي رھواسڻ 10 ڏينھن اڳ پرڻيل عورت پر اسرار نموني گم

ميھڙ ڀرسان راڌڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻرڙا جي رھواسڻ 10 ڏينھن اڳ پرڻيل عورت  پر اسرار نموني گم ٿي وئي

 

ناري جو پي امام الدين ملاح ، ماء بلقيس ملاح ۽ امام بخش ملاح، ابراھيم ملاح، صدوران ، شمشاد ملاح ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ  پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري

 

دانھيو آهي  ته 10 ڏينھن اڳ پنھنجي نياڻي ڪويتا ملاح کي ڳوٺ اگھاماڻي جي رھواسي غلام محمد چانڊيو جي پٽ مظھر چانڊيو کي پرڻائي ڏني ۽ ستاوڙي بعد ناري پنھنجي مڙس مظھر چانڊيو سان واپس پنھنجي گھر وئي ھئي ھنن چيو ته ڪجھ ڏينھن بعد غلام محمد ۽ سندس جو پٽ مظھر چانڊيو اسان کي ٻڌايو ته اوھان جي نياڻي ڪويتا ملاح گھران نڪري وئي آھي جنھن سبب اسان پريشان حالت ۾ پنھنجي نياڻي جي ڳولھا ڪيون پيا پر غلام محمد چانڊيو  ۽ ان جي پٽ بااثر جي چوڻ تي اسان مٿان نياڻي کي گم ڪرڻ جا ڪوڙا الزام ھڻي 10 لک روپيا گھري رھيا آھن ۽ اسان کي ھٿياربندن ھٿان موتمار ڌمڪيون ڏنيون وڃن پيون

ھنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو  ته اسان کي شڪ آھي ته غلام محمد چانڊيو ۽ ان جي پٽ اسان جي نياڻي کي گم ڪري قتل ڪرائي ڇڏيندا خدارا اسان مسڪينن جو نوٽيس وٺي شفاف جانچ ڪري ظالمن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي نياڻي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.