ٽنڊوغلام حيدر : نظاماڻي بس اسٽاپ کان ڳوٺن طرف نڪرندڙ لنڪ روڊ کي بااثر زميندارن پاران ختم ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان نظاماڻي بس اسٽاپ کان ڪيترن ئي ڳوٺن طرف نڪرندڙ لنڪ روڊ کي بااثر زميندارن پاران زمين جي لالچ ۾ ختم ڪرڻ خلاف مختلف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو  ان موقعي تي عبدالمجيد لاکو،بصر چانگ ۽ ٻين ڳوٺاڻن  دانهنيو آهي ته   ڳوٺن کي هيءُ مک روڊ ملائيندڙ آهي جنهن کي لغاري برادري جا ڪجھ زميندار زرعي زمين جي لالچ ۾ اچي قديمي روڊ کي ختم ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته جيڪڏهن هن مک روڊ کي ختم ڪيو ويو ته ڪيتين ئي ڳوٺن جو واحد رستو متاثر ٿيندو هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙي شڪايت لکت ۾ ٽنڊوغلام حيدر مختيارڪار کي پڻ  ڏني آهي هنن ٽنڊومحمد خان ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي روڊ کي بچايو وڃي…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.