سوناڪشي سنها منڊي پائي ڇڏي، مڱيندي سان گڏ تصويرون جاري!

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ دبنگ گرل سوناڪشي سنها خوبصورت منڊي سان گڏ تصويرون شيئر ڪندي ان ڏينهن کي پنهنجي زندگي جو اهم ترين ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو.

اداڪارا انسٽاگرام تي منڊيءَ سان پنهنجون مختلف مسڪرائيندڙ تصويرون شيئر ڪيون، شيئر ڪيل تصويرن ۾ اداڪارا جي هٿ ۾ پاتل منڊي واضح آهي، جڏهن ته هڪ تصوير ۾ اداڪارا کي ڪنهن جو هٿ پڪڙيل به ڏسي سگھجي ٿو، جيڪو عام طور تي ڪنهن مرد جو آهي.

اداڪارا تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو ته مون لاءِ وڏو ڏينهن! منهنجي سڀ کان وڏن خوابن مان هڪ حقيقت ٿيڻ وارو آهي ۽ مان ان کي توهان سان شيئر ڪرڻ جو انتظار نٿي ڪري سگھان.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sonakshi Sinha (@aslisona)

اداڪارا وڌيڪ لکيو ته يقين نٿو اچي ته هي ايترو آسان هو پر اداڪارا باضابطا طور تي مڱڻي يا مڱيندي جو اعلان ناهي ڪيو.

ياد رهي ته سوناڪشي سنها کي مختلف هنڌن تي اداڪار ظهير اقبال سان گڏ ڏٺو ويو هو، جنهن کانپوءِ افواهه سرگرم هئا ته سوناڪشي ۽ ظهير اقبال هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.