ويسٽ انڊيز پاڪستان دوري لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

سينٽ جونز (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي پاڪستان دوري لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن ۾ 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون، جنهن لاءِ ويسٽ انڊيز جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان دوري دوران ويسٽ انڊيز جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني نڪولس پوران ڪندو، جڏهن ته جيسن هولڊر کي آرام ڏنو ويو آهي.

ٻين رانديگرن ۾ شاءِ هوپ (نائب ڪپتان)، اينڪروما بونر، شمار بروڪس، ڪيسي ڪارٽي، عقيل حسين، الزاري جوزف، برينڊن ڪنگ، شيرمن ليوس، ڪيل ميئرس، اينڊرسن فلپ، رامن پاول، جيڊن سيلز، روماريو شيفرڊ ۽ هيڊن والش جونيئر شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.