لاهور (ويب ڊيسڪ) مسجد وزير خان ۾ رقص ڪرڻ جي ڪيس ۾ اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد الزامن کان آجا ٿي ويا.
ايڊيشنل سيشن جج محمود مشتاق اداڪارا صبا قمر ۽ بلال سعيد کي مسجد ۾ رقص ڪري تقدس پائمال ڪرڻ جي الزامن کان آجو ڪيو.
اداڪارا صبا قمر ۽ بلال سعيد بريت جون درخواستون داخل ڪيون هيون، ايڊيشنل سيشن جج بريت جون درخواستون منظور ڪندي کين الزامن کان آجو ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد تي مسجد وزير خان ۾ ڊانس وڊيو ٺاهڻ تي ٿاڻي نو لکا پوليس گذريل سال شهري جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو هو.
ٻنهي ان ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائي هئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ به جاري ٿيا پر عدالت پيش ٿيڻ کانپوءِ گرفتاري وارنٽ ختم ڪري ڇڏيا هئا.