مريم نواز جون جعلي وڊيوز ٺاهيندڙ شخص گرفتار

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز جون جعلي وڊيوز شيئر ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.

وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) موجب جوابدار  فياض الدين کي پشاور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ ان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ کيس 7 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.

رپورٽن موجب جوابدار ن ليگ قيادت خلاف مهم هلائي هئي ۽ مريم نواز جون نازيبا جعلي وڊيوز ٺاهيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.