طب جي دنيا ۾ انقلاب، دل جو دورو ماضي جو قصو بڻجي ويندو!

 

دل جو دورو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موتن جو سبب بڻجندڙ مرض آهي، جيتوڻيڪ ان جي روڪٿام لاءِ دوائن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي به ٿي آهي.

هارٽ اٽيڪ جو هڪ وڏو سبب رت جي رڳن ۾ ڪوليسٽرول جو گڏ ٿيڻ آهي، جيڪو رڳن کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي.

ڪوليسٽرول جي سطح ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ دوائون ۽ سُيون مارڪيٽ ۾ موجود آهن پر هر هڪ جي انهن تائين پهچ ناهي هوندي ۽ سڄي زندگي ان جو علاج جاري ناهن رکي سگهندا.

پر هاڻ هڪ آمريڪي ڪمپني اهڙو حل تجويز ڪيو آهي، جيڪو هارٽ اٽيڪ کي ماضي جو قصو به بڻائي سگهي ٿو، جنهن تي اها 2018 کان ڪم ڪري رهي آهي.

وروي ٿيراپيوٽڪس انڪارپوريشن طرفان ماڻهن جي ڊي اين اي ۾ اهڙي شئي تجويز ڪئي وئي آهي، جيڪا صحت لاءِ نقصانڪار ڪوليسٽرول کي رڳن ۾ جمع ٿيڻ کان روڪڻ ۾ مددگار هوندي.

ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سيڪار ڪيٿريسن موجب اسان هارٽ اٽيڪ جي علاج کي تبديل ڪرڻ جي ويجهو آهيون ۽ بس هڪ ڀيرو علاج سان ئي ان بيماري کان بچڻ ممڪن ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن ۾ قدرتي طور تي هارٽ اٽيڪ خلاف مزاحمت هوندي آهي، جيڪا سڄي زندگي برقرار رهندي آهي، جڏهن ته ڪجهه جينز اهڙا آهن، جن کي بند ڪيو وڃي ته ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح کي گهڻو گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

ان کي خيال کي نظر ۾ رکندي ڪمپني پنهنجو ڪم شروع ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.