پاڪستان جي سريلنڪا دوري مان ون ڊي سيريز ختم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جو هلندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ شيڊيول سريلنڪا جو دورو محدود ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان کي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ميچن سان گڏوگڏ ون ڊي ميچن جي سيريز به کيڏڻي هئي پر هاڻ مختصر فارميٽ واري ميچن کي ختم ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ڪرڪيٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ون ڊي سيريز ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي پي سي بي قبول ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب دورو محدود ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته سريلنڪا کي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ لوڪل ٽي ٽوئنٽي ليگ ڪرائڻي آهي، جنهن سبب ون ڊي سيريز ختم ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو نه هئي، تنهن ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به ان کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن قسم جي خدشن جو اظهار نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.