عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿي ويو پر پاڪستان ۾ مهانگو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ باوجود پاڪستان ۾ سون مهانگو ٿيو آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 200 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 33 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 171 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 14 هزار 26 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 24 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1860 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.