ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان لاڏاڻو ڪري ويو.

فيملي ذريعن موجب ڊاڪٽر رضوان کي دل جي تڪليف سبب لاهور جي سروسز اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

ڊاڪٽر رضوان اڳوڻو ايف آءِ اي پنجاب مقرر هو پر موجوده حڪومت ايندي ئي کيس عهدي تان هٽايو ويو هو.

واضح رهي ته ايف آءِ اي ڊائريڪٽر طور ڊاڪٽر رضوان، شهباز شريف جي مني لانڊرنگ سميت ڪيترن ئي ڪيسن جي جاچ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.