قومي ادارن خلاف مهم جي مذمت ڪيون ٿا، عمران خان پاڻ ڀوڳيندو: آصف زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تحريڪ انصاف چيئرمين طرفان قومي ادارن خلاف مهم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

عمران خان طرفان قومي ادارن خلاف تقريرن جي مذمت ڪندي آصف زرداري چيو ته اقتدار مان نڪري عمران ذهني توازن وڃائي چڪو آهي، احتساب کان بچڻ لاءِ هو قومي ادارن خلاف مهم هلائي رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان هاڻ قومي ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، زهر اوڳاڇڻ جي پويان ڪرپشن ڪيس ۽ فارن فنڊنگ ڪيس جو خوف آهي، سزا کان بچڻ لاءِ عمران خان قومي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.

سندس چوڻ هو ته اقتدار جي لالچ ۾ عمران خان جنهن پاسي وڃي رهيو آهي، اها ملڪ کي وري ٻه اڌ ڪرڻ جي سازش لڳي ٿي، ڪوڙي سازشي بيانيي سان ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائڻ جي ڪوشش مذمت جوڳي آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته عمران خان جو ڪرسي لاءِ نه رڳو ملڪ پر قومي ادارن جو نقصان به برداشت نه ڪيو ويندو، عمران خان جي انهن ئي حرڪتن سبب ملڪ پوڻا 4 سال اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ويو.

آصف زرداري چيو ته پاڪ فوج سرحدن جي محافظ آهي، آئين ۽ جمهوريت جو تحفظ به فوج جي ذميواري آهي، عمران خان فوج کي ورهائڻ جي سازش سان آئين کي پامال ڪرڻ ۾ لڳل آهي، ادارن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو فائدو ملڪ دشمن قوتن کي ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته ٻين کي غداري جا مهڻا ڏيندڙ پاڻ مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عمران خان ملڪ جي سلامتي داءَ تي لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان کي پاڻ ڀوڳڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.