ڪتاب ” بھارن رنگ بَدلايا“ بابت ويچار

ذلفي چاچڙ

بھارن رنگ بدلايا“ ذوالفقار ڪورائي جو پھريون شاعريءَ جو مجموعو آھي، جيڪو تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ پھتو آھي. پنوعاقل جي ويجھو ڳوٺ صاحب خان ڪورائي ۾ ھڪ سخن شناس شخص عمر الدين ڪورائي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ابھم ٻالڪ جنھن کي اڄ سموري سنڌ ذوالفقار ڪورائي جي نانء سان سڃاڻي ٿي. ذوالفقار ڪورائي 1995ع کان سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل، متحرڪ ۽ جاکوڙي ادبي ڪارڪن آھي، جيڪو س. ا. س شاخ دادلوءِ ۽ پنو عاقل جي مختلف  عھدن تي پڻ رھي پنھنجون ذميداريون نڀائي چڪو آھي، سنڌي ادبي سنگت شاخ پنوعاقل جو شمار سنڌ جي انھن نھايت ئي سرگرم شاخن ۾ ٿئي ٿو، جنھن جي پٺيان پڻ يقينن ذوالفقار جھڙن اڻٿڪ نوجوانن جو ھٿ ۽ ڪردار آھي. ذلفي ڪورائي جي شاعريءَ  ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين جا ھڙئي رنگ سمايل نظر اچن ٿا، ھو فطرت جو شاعر آھي، محبت جو شاعر آھي، ڌرتيءَ  ۽ وطن جو شاعر آھي، سندس شاعريءَ  ۾ حب الوطني جو جذبو نمايان نظر ايندو آھي.سندس غزل جو ھڪ بند آھي ته،  

ڪو نٿو ٽوڙي سگھي اي ذوالفقار،

اھڙو ڌرتيءَ  سان پڪو رشتو آھي.

 سندس جنم ۽ پالنا فطرتي رنگن جي وچ ۾ ٿي آھي، جڏھن ھو انب جي وڻ جي گھاٽي ڇانوءَ ۾ پيل کٽ تي ويھي  شاعريءَ  لکندو آھي ته وڻن تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويٺل پکين ۾ جھرڪين جي چون چون، لاليءَ  جون لاتون، ڳيرن جي گھوگھو، طوطن تي ٽين ٽين ۽ ڪانوَن جي ڪان ڪان کيس لکڻ جو ڀرپور ماحول مھيا ڪري ڏين ٿيون، انبن جي ٻور ۽ انبڙين واري خوشبوءَ سندس تخليقن ۾ سمائجي وڃي ٿي، جا سرھاڻ پوءِ سندس شاعريءَ  وسيلي سموري سنڌ تائين پکڙجي وڃي ٿي. سندس ذاتي لائبريري ۾ نھايت ئي املھه، قيمتي، اڻلڀ ۽ ناياب قسم جا ڪتاب موجود آھن، جيڪي ڪتابن سان محبت ۽ سندس شاندار مطالعي جي شاھدي ڏين ٿا، ذوالفقار ڪورائي جيترو وسيع مطالعو رکندڙ آھي، ان کان وڌيڪ مضبوط سندس مشاھدو آھي، ۽ ان مضبوط ڳوٺاڻي مشاھدي تي آڌاريل شاعري  "بھارن رنگ بدلايا” ۾ شامل ڪئي وئي آھي، جيڪا پڙھندي ھر پڙھندڙ ڪائنات جا ڪيئي رنگ پسي وٺندو آھي. ذوالفقار پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي جي آڌار تي جيڪا شاعريءَ  جي منزل ماڻي آھي، ان سرزمين تائين انھن ماڻھن جا پير به ناھن پھتا، جيڪي کانئس سٽن واري سفر ۾ اڳ جا نڪتل آھن. جيڪا صورتحال ڏسي ھو چوي ٿو ته

 حياتيءَ  ۾ ننڍا آھيون،

 مگر ڪيڏا وڏا آھيون.

 لاشڪ ھو ننڍي حياتيءَ  ۾ وڏو ادبي قد ڪاٺ رکندڙ شاعر آھي، جيڪو شال شاعريءَ  جيڏي عمر ماڻي. درس و تدريس واري عمل سان لاڳاپيل ذلفي ڪورائي ذاتي زندگيءَ  ۾ خوش طبع، فقيراڻي طبيعت رکندڙ، دور انديش، قلندر قسم جو ماڻھوءَ ۽ صوفياڻا خيال رکندڙ شخص آھي، جيڪو ڪنھن به نسلي ۽ مذھبي متڀيد توڙي تعصب جو شڪار  ناھي، سندس دوستن جو حلقو وسيع ۽ مختلف مذھبن جي پوئلڳن تي مشتمل آھي.

 مذھب سارا ميڙي آندا،

 تنبوري جي تار اسان وٽ

ھو ڀٽائيءَ  جو پارکو، پانڌيئڙو ۽ عقيدتمند پڻ آھي، ۽ پنھنجي گفتگو جي دوران سدائين موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان شاه سائين جا بيت پڙھندو رھندو آھي، ذوالفقار وڌندڙ مذھبي انتھاپسندي ۽ پيش ايندڙ دھشتگردي وارن واقعن تي ڏک جو اظھار ڪندي چوي ٿو ته امن محبت پيار ۽ پنھنجائپ جو درس ڏيندڙ سنڌ جي درگاھن تي بم ڌماڪا ڪري ماڻھون مارڻ اھو اسان سنڌين جو وڙ ۽ ڪلچر ناھي، سنڌ سدائين سلامتي امن ۽ تحفظ ڏيندڙ ڌرتي رھي آھي.

دھشت جا دستور اڻانگا،

ڪاڏھئون آيا يار اسان وٽ

گذريل ڪجهھ سالن کان سنڌ جو ادبي لڏو تنظيمي اختلافن سبب ٻن ڌڙن ۾ ورھائجي ويو آھي، اِھي اختلاف ايتري قدر وڌي شدت اختيار ڪري ويا آھن، جو ادبي ڪارڪنن ذاتي ۽ سماجي تعلق به ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيا آھن، جنھن کان ذوالفقار به سخت متاثر ٿيو آھي، ڇو ته سندس پراڻا ۽ پيارا دوست کانئس پري ٿي ويا آھن، سندن دوستن جو اِھو عمل پڻ ذلفي کي سدائين ستائيندو ۽ تڪليف پھچائيندو رھي ٿو، ۽ ھو دوستن جي اِن روش کي ختم ڪرڻ جي پوري ڪوشش پڻ ڪندو رھيو آھي، ۽ پنھنجي طرفان دوستن سان ميل ملاقاتون پڻ ڪندو رھي ٿو، انھن سڀين معاملن جي باوجود به وٽس دوستن لاءِ ساڳي عزت، محبت ۽ ساڳيو احترام آھي.

ھو ته ڪڏھن جو مَٽجي ويو آ،

پر  پنھنجو  جذبو  ساڳيو  آھي.

ھو ڪنھن اوچي احساس، انا ۽ ھٺ ڌرمي جو شڪار ناھي، پر محبتون قائم رکڻ لاءِ ھو اھڙي سوچ کي روز لتاڙيندو رھي ٿو.

 رسون ٿا روز گل تائين،

 توڙي جو خار  وچ ۾ آ.

سنڌ جي ميچوئر، سيبتي ۽ سنجيده شاعر ذوالفقار ڪورائي جي ڪتاب ”بھارن رنگ بَدلايا“  جو مھاڳ پريل دايي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي رايو پروفيسر خادم حسين "گل” گھنڃي صاحب لکيو آھي. جنھن ۾ سٺ چونڊ غزل، ٻاويھ وايون، بيت ۽ نظم پڻ شامل ڪيا ويا آھن. ھڪ سئو اٺاويھ صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ھِن ڪتاب جو ملھه ٽي سئو مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو مڃتا پبليڪيشنس دادلوءِ (پنو عاقل) پاران ڇاپيو ويو آھي. ڪتاب ”بھارن رنگ بَدلايا“ سنڌي ادب ۾ ھڪ خوبصورت وڌارو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.