آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي هاڻي ڇا ڪري سگهي ٿي؟

سڪندر چنو

آفريڪي ملڪن جي بدقسمتي غربت ۽ افلاس نه آهي. پر اصل ۾ انهن جو دنيا ڀر ۾ معدنيات ۽ زراعت سان مالامال هجڻ آهي. جنهن جي ڪري دنيا جي ننڍي مان ننڍن ملڪن به آفريڪا جي علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. اتان جي ماڻهن کي پڪڙي انهن کي غلام بڻايو وڃي ٿو. ۽ اتان معدني دولت ۽ زرعي دولت ڦري لٽي پاڻ امير ٿي رهيا آهن. ٻئي عظيم جنگ کان پوءِ ظالم يورپ جي ڪرسيءَ تي آمريڪا اچي ويٺو آهي. پهريان يورپ فوج ذريعي ڪالونيون ٺاهيندو هيو ۽ هاڻي وري آمريڪا پنهنجي فوجي طاقت وسيلي معاشي غلامي لاءِ ٽي ادارا ٺاهيا. جولاءِ 1944 ۾ آئي ايم ايف ٺاهيو ويو. 1945 ۾ ورلڊ بئنڪ جو ادارو وجود ۾ آيو ۽ خفيه طور دنيا تي انهن ادارن جي معاشي ۽ سياسي حاڪميت مسلط ڪرڻ لاءِ 26 جولاءِ 1947 تي هڪ طاقتور خفيا ايجنسي سي آءِ اي جي تخليق ڪئي. ان کان پوءِ آمريڪا سڄي دنيا جي غلام ملڪن جن ۾ پاڪستان به نمايان آهي. ۽ يورپي طاقتن کان زبردستي آزادي ڏياري. انهن کي پنهنجي معاشي ڄار ۾ ڦاسايو. انهن مظلوم علائقن ۾ قدرتي معدنيات ۽ زرعي دولت سان مالامال آفريڪي ملڪ ڪانگو به هيو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي ملڪ يورپ جي هڪ ننڍي ملڪ بيلجيم جي ڪالوني رهيو آهي. جنهن  پاڻ 1830 ۾ هالينڊ کان آزادي ورتي. آزادي کان فوري بعد بيلجيم جي بادشاهه ليو پولڊ اول 1840 ۾ هڪ حڪم جاري ڪيو ته اسان جي دنيا ۾ به ڪالونيون هجڻ گهرجن. ۽ پوءِ ان جي فوج 15 نومبر 1908 ۾ ملڪ ڪانگو تي قبضو ڪري ورتو. ڪانگو ملڪ پکير جي لحاظ کان پوري يورپ کان وڏو ۽ وسيع آهي. ڪانگو اندر ٽامي ۽ ڪوهالٽ جون وڏيون وڏيون کاڻيون موجود آهن. بلڪه ٽامي ۽ ڪوهالٽ جا دنيا ۾ وڏا ذخيرا پڻ ڪانگو ۾ موجود آهن. بلڪل ائين جيئن سنڌ ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا ٿرپارڪر ۾ موجود آهن ۽ ان ڪوئلي ۾ ڪوهه نور هيرو جيڪو دنيا جو وڏو قيمتي هيرو آهي ۽ اڇو سون به ڪوئلي اندر وافر مقدار ۾ موجود آهي. پوءِ به بلوچستان جيان سنڌ غربت واري لڪير تي بيٺل آهي. ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي علائقي چاغي وٽ سون جا وڏا وڏا ذخيرا موجود آهن جنهن جي قيمت 500 ارب ڊالر کان به وڌيڪ آهي. ۽ ان سون جي نڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جو ٽي هزار اربن وارو قرض به لهي سگهي ٿو. بهرحال ڪانگو ۾ دنيا جو ٻيو وڏو جهنگ جو ٻيلو به موجود آهي. جنهن کي Rainforest چيو وڃي ٿو. ۽ ڪانگو جو درياهه 8 ڪروڙ هيڪٽرز زمين آباد ڪري ۽ اتان سستي بجلي به پيدا ڪئي وڃي ٿي. ڪانگو جي عوام کي سستي بجلي ۽ 24 ڪلاڪ بغير لوڊ شيڊنگ جي بجلي ملي رهي آهي. صرف هڪ درياهه مان پاڪستان وٽ ڪيترائي بجلي گهر، ٿرمل پاور، ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر، ڊيمون، ايٽمي بجلي گهر، پوءِ به سنڌ جا واهڻ ڳوٺ ۽ شهر اونداهي ۾ ٻڏل آهن.

سنڌ جي واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي ناياب آهي. نه پول تبديل ٿين ٿا. ۽ نه وري انهن جون تارون جيڪي 1974 کان وٺي لڳل آهن. سنڌ سان ظلم برپا آهي. بهرحال ڪانگو ملڪ سان به سنڌ واري ويڌن آهي. ڪانگو خوشحال هوندي به ان ملڪ جا 6 ڪروڙ ماڻهو غربت، افلاس ۽ قحط کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ۽ ڪانگو ۾ دنيا جي ٽئين وڏي غريب ترين آبادي رهي ٿي. ڪانگو جي بيلجيم جي غلامي کان ويندي آمريڪا جي اقتصادي غلاميءَ تائين جو سفر 1950 ۾ شروع ٿيو. آزادي جي نالي تي جڏهن تحريڪون سموري آفريڪا ۾ شروع ٿيون ته آمريڪي حواري به انهن ملڪن ۾ ديرا ڄمائي ويٺا. ۽ آزادي وارين تحريڪن جي مدد ڪئي ته جيئن سڀاڻي انهن ملڪن کي ورلڊ بئنڪ ۽ آئي ايم ايف جو غلام ۽ محتاج بڻائي سگهجي. ڪانگو کي هڪ محتاج قسم جي جمهوري حڪومت تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ بيلجيم 1959 ۾ اليڪشنن جو اعلان ڪيو ويو. پر اتان جون سياسي پارٽيون ان کي چال سمجهي رهيون هيون. ڇاڪاڻ ته اهي بيلجيم کان مڪمل آزادي ۽ خودمختياري چاهين پيون. ۽ انهن ملڪن بيلجيم جي ان ڪوڙي چال کي سمجهندي 27 ڊسمبر 1959 تي اليڪشنن جو بائيڪاٽ ڪيو. بيلجيم کي عوام جي جذبي ۽ طاقت جو ڪوبه اندازو نه هيو. بيلجيم بوکلاهٽ جو شڪار ٿيندي اتان جي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ ملڪ ۾ مظاهرا، ۽ هڙتالون شروع ٿي ويون. ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هيو ته سڄي ڪانگي ملڪ کي گرفتار ڪيو ويندو.

ڪانگو جي نوجوان عورتن تي جنسي تشدد ڪيو ويو. پر ڪانگو جي عوام اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو هاڻي سجاڳ تي چڪا آهن. ڪاش سنڌ به ائين سجاڳي ٿي پوي جيڪر! آمريڪا پنهنجي ٻئي پلان تي عمل ڪندي بيلجيم کي مجبور ڪيو ته هو فوراً اليڪشن ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪري ڇڏي. آمريڪا جو اهيو منصوبو ڪم ڪري ويو ۽ ڪانگو جي عوام جون دليون آمريڪا کٽي ورتيون ۽ ڪانگو کي ورلڊ بئنڪ ۽ آئي ايم ايف جي پيرن ۾ ڪيرائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته آمريڪا کي بيلجيم کان وڌيڪ پنهنجا مفاد عزيز هئا. ڪانگو کي اهڙي غلامي ۽ آزادي 30 جون 1960 تي نصيب ٿي. آمريڪا ڪانگو کي پنهنجي معاشي تسلط جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هڪ ملڪ ڏسڻ پسند پيو ڪري. پر ڪانگو اليڪشن ۾ پنهنجي جنهن باضمير ۽ غيرتمند ليڊر يا اڳواڻ کي چونڊيو هيو. ان ليڊر پنهنجي اندر ۾ آمريڪا کان آزادي واري خواهش سانڍي رکي هئي. ۽ پنهنجي قوم کي آمريڪا جي غلامي کان مڪمل آزادي ڏيارڻ پيو چاهي. ان ليڊر جو نالو هيو پيٽرس لومبا.

هي شخص آزادي واري تحريڪ جو محبوب ليڊر ۽ عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هيو. ۽ ڪانگو جي عوام ان کي وڏي اڪثريت سان ملڪ جو وزيراعظم چونڊي ڇڏيو. پيٽرس لومبا سڄي آفريڪا قوم پرست ۽ متحده آفريڪا جو علمبردار هيو. آفريڪي دولت کي لٽڻ لاءِ عالمي طاقتون ڳجهن جيان اچي ڪانگو ۾ ڪڙڪيون ۽ آفريڪا کي ائين ورهايو ويو جيئن ميز تي هڪ ڪيڪ کي ڪٽي ورهايو ويندو آهي. بيلجيم کي وارو لڳي ويو ۽ پنهنجي فوج وسيلي وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جا مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا.

سي آءِ اي جو ڪچن ڪيبن جو دوست هجڻ جو به الزام هيو. آمريڪا پنهنجي مفادن خاطر جنرل ممبوتو کي اهڙو ته نوازيو جو جنرل ممبوتو ڪڏهن سوچيو به نه هيو ۽ نه وري ڪڏهن سندس وهم گمان ۾ به هيو. جنرل ممبوتو آمريڪا جو دوست ۽ سوويت يونين جو مخالف هيو. پيٽرس لومبا اهڙي بغاوت کان اڳ آمريڪا جي ياترا به ڪري چڪو هيو. ۽ آمريڪا کي قسم ساک تي چيو ته هو آمريڪا جو مخالف نه آهي ۽ نه ٿيندو. البته سوويت يونين جو به دوست آهي. پيٽرس لومبا پنهنجي مخالف ڌر کي به گهرايو ۽ ٻڌائڻ پيو چاهي ته ان وڏي سازش ٿي رهي آهي پر سي آءِ اي انهن خلاف اڳواڻن کي به پهريان کان ئي ڊالرن ۾ خريد ڪري ڇڏيو هيو. جڏهن فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ته ملڪ جي گهٽين، گهٽين چوراهن ۽ شهرن ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا. ۽ سڄو ڪانگو جو عوام پيٽرس لومبا جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري آيو. عوام بکيو ضرور هيو پر غربت واري زندگي گذارڻ پيو چاهي. سوويت يونين ڪانگو جي وزيراعظم جي حمايت ۾ اقوام متحده ۾ قرارداد به پيش ڪئي ۽ 14 ڊسمبر 1960 تي سيڪيورٽي ڪائونسل رد ڪري ڇڏي، ڪانگو جي عوام لومبا جي مقبوليت ڏسندي. سي آءِ اي گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ويئي ۽ سي آءِ اي وري ٻئي مرحلي جو آغاز شروع ڪيو  گرفتار ڪيو، ته لومبا کي سي آءِ اي کيس  گرفتار ڪيو. ۽ ائين 17 جنوري 1961 تي رات جي اونڌاهيءَ ۾ پيٽرس لومبا کي هڪ سامونڊي ٻيٽ تي آندو ويو ۽ اونڌاهيءَ ۾ ٽن ڦائرنگ ڪندڙ اسڪواڊ ان چونڊيل عوام جي محبوب ليڊر مٿان گولين جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ اتي ئي لومبا کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. ان جي موت کان پوءِ ڪانگو ڪيترائي سال سوڳ ۾ رهيو  ڪانگو جي عوام کي رت ۾ وهنجاريو ويو. اڄ به ڪانگو جي عوام ۾ آمريڪا لاءِ تمام وڏي نفرت پيدا ٿيل آهي. ۽ اڄ به ڪانگو جو عوام لومبا کي پنهنجو ليڊر تصور ڪري ٿو. ان وقت آمريڪي صدر آئزن هاور لومبا کي قتل لاءِ هڪ لک ڊالر جي رقم منظور ڪئي هئي. لومبا جي حڪومت جيان عمران خان جي سفارتي ڪيبل ملي هئي. تون غلط روشن کان هٽي وڃ ورنه تنهنجو حشر به خراب ٿيندو. جيڪي ذريعا ٻڌائين ٿا. عمران خان ڄاڻي پيو ته پرڏيهي کاتو صرف وارننگ ڏيندو آهي باقي ڪم انٽيليجنس ادارا ڪندا آهن. آمريڪا پنهنجي انا خاطر دنيا جي خوشحال ترين ملڪن تي قبضو ڪري. اتان جي عوام کي غربت ۽ افلاس ۾ ڌڪي ڇڏيندو آهي بلڪل ائين جيئن پاڪستان کي آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جو محتاج بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان به آمريڪا جي هڪ ڪالوني آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان اندر مهنگائي جو هڪ وڏو طوفان اچڻ وارو آهي ۽ پيٽرول 200 روپيه ليٽر کان به وڌي سگهي ٿو. هڪ ڏينهن پاڪستان جي عوام ۾ حڪمرانن خلاف طوفاني انقلابي چڻنگ ضرور اٿندي ۽ حڪمران ملڪ مان فرار ٿي پنهنجي جان ائين بچائيندا جيئن تيونس جي صدر عوام جي انقلاب کان ملڪ مان فرار ٿيندي سعودي عرب ۾ پناه ورتي هئي ۽ پنهنجي جان بچائي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.