منهنجي عظيم امان عائشه خاتون

محمد علي پٺاڻ

منھنجي امان عائشه خاتون عباسي ڪنهن اسڪول يا مڪتب ۾ نه پڙهي ھئي. پر نورنامو پڙهي ھن کي سنڌي پڙهڻ اچي وئي ھئي. انڪري سنڌي معنيٰ سان لکيل قرآن شريف جي نه رڳو پاڻ پابنديءَ سان تلاوت ڪندي ھئي، پر وڏي آواز سان پڙهي ٻين کي به ان جي روحاني روشنيءَ سان منور ڪرڻ پنھنجو فرض سمجهندي ھئي. صبح سان اسان جي اک امڙ جي تلاوت جي آواز سان کلندي ھئي. سج اڀرندو ھو ته پاڙي جا بيشمار ننڍا وڏا نينگرا ۽ نينگريون کانئس قرآن شريف جو سبق وٺڻ شروع ڪندا ھئا. اھو سلسلو ڪچڙي منجهند کان ڪلاڪ سوا اول پورو ٿيندو هو. جنهن بعد اڇو برقعو پائي مختلف گهرن جي پرڻيل عورتن توڙي ويٺل وِيائن کي قرآن شريف پڙھائڻ لاءِ گهر مان نڪري ويندي هئي ۽ منجهند کان اڳ گهر موٽندي ھئي.

پنهنجي سانڀر کان جڏھن اسانجي گهر ۾ بجلي نه لڳي ھئي، ته لالٽين جي روشنيءَ ۾ ھر رات جو امڙ وڏي آواز ۾ ۽ تمام گهڻي شوق سان ڪڏھن "الف ليلا” جو قصو، ڪڏهن "گل بڪاولي”، ڪڏھن "چار درويش”، ڪڏھن "جان عالم”، ڪڏھن ڪڏهن "حاتم طائي”، ڪڏھن "گل صنوبر” ته ڪڏھن وري "امير حمزه ” جا قصا تيستائين اسان ٻارن کي ۽ سمورن گهر ڀاتين کي پڙھي ٻڌائيندي ھئي. ھي سلسلو 1973ع ۾ بجليءَ کانپوءِ بلب جي روشنيءَ ۾ به امان جاري رکيو. پوءِ 1974ع ۾ جڏھن چئن ٽنگن واري 20 سائيز جي بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ورتي سين ته اھو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رکي امڙ ختم ڪري ڇڏيو.

گهر ۾ ۽ تَرَ ۾ ته امڙ کي تمام وڏو مانُ ۽ مرتبو حاصل ھوندو ئي ھوندو ھو، پر سڀني مٽن مائٽن ۽ راڄ ڀاڳ ۾ به سندس وڏو احترام ڪيو ويندو هو. ڪنهن جي ڌيءَ ڀيڻ ڪنهن سان به پرڻائڻ جو فيصلو ڪندي ھئي ته ڪوبه ان کان انڪار نه ڪندو ھو. زال مڙس جي جهيڙي کان ويندي خانداني تڪرارن تائين نبيرا ڪرائڻ ھن جو خاص گُڻُ ھو. ڪو اوکيءَ ۾ ھوندو ھو، ته تيستائين ننڊ آرام وسري ويندو ھئس، جيستائين ان کي ان مان آجو نه ڪرائيندي ھئي. غريبي حال ھوندي سخا ۾ به ھن جو ڪو مَٽُ ثاني نه ھوندو ھو. ڪو اوڌر وٺندو ھئس، ته ڏئي وساري ڇڏيندي ھئي. ڪي موٽائيندا ھئا ته ٺيڪ، نه ته بخشي ڇڏيندي ھُين.

مان سندس ڇھن ڪجهه مھينا جيئرا رهي پوءِ گذاري ويندڙ پٽن کان پوءِ ڄائس. تڏھن سندس پيرَ پيريءَ ۾ ھئا. لوڻ جي ٽويي تي مونکي پنهنجي وڏي چاچي ابراهيم کي کپائي ڏنو ھئائين، ته مَنَ ان طرح مالڪ جي مِھِرَ سان بچي وڃان ۽ اڳين پٽن وانگر کيس مري غم جي وڏي اوڙاهه حوالي نه ڪريان.

مونکي پنهنجي عمر جي ٽيٽيھن سالن تائين  "سڪيلڌو” ڪري ساھن ۾ سانڍيندي رھي. وِتَ وس آھر ھر انگل پورو ڪندي ھئي.ڪڏھن سنھو ٿلھو تَپُ يا بيماري وڪوڙيندي ھئي، ته زارو قطار روئندي ھر ھر قرآن شريف اچي سيني ۽ مُنهن تي گھمائيندي رھندي ھئي. ڪاڏي نڪري ويندو ھئس ۽ اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي، ته قرآن شريف مٿي تي رکي روئندي پئي خير سان واپس ورڻ جون دعائون گهرندي ھئي.

پھريون ڪتاب "اکيون آلا چنڊ” کيس ارپيم ته سندس خوشيءَ جي حد نه ھئي.

ادبيءَ کانپوءِ بڻيل ذاتي دوستن مان واجد ۽ رزاق مهر سان ڳالهائيندي کين سدائين منهنجيون پئي پارتون ڪندي ھئي.

ماسات مرتضيٰ ڪلھوڙو مون جيترو ئي پيارو ھئس. ان کي ڏک ۾ ڏسي نه سگهندي ھئي. مونکي چوندي ھئي ته "توکي الله سائينءَ ٻيو سڳو ڀاءُ ناهي ڏنو، ته مرتضيٰ کي پنھنجو سڳو ڀاءُ سمجهندو ڪر.” ٻنھي کي گڏ ڏسي پئي ٺرندي ۽ خوش ٿيندي ھئي.

انور پيرزادي صاحب لاءِ چوندي رھندي ھئي ته؛ "اھو وڏو ۽ سٺو انسان آهي. ان جي صحبت ۾ گهڻي ۾ گهڻو رھي کانئس جيترو ٿي سگهي پرائيندو رھُ.”

سئوٽ عبدالقادر پٺاڻ جي شريڪ حيات ۽ موڀي پٽ حسن پٺاڻ جي امڙ زيبل خاتونءَ کي پنهنجي سڳي ڀيڻ کان وڌيڪ ڀائيندي ھئي. اھا ڏوڪريءَ مان مھمان ٿي ايندي ھئي يا امان ان جي مھمان ٿي اوڏانهن ويندي ھئي، ته ٻئي سڄيون سڄيون راتيون جاڳي ھڪ ٻئي سان پيون ڪچهريون ڪنديون ھيون. حسن جي شادي به امڙ جي مرضيءَ سان منهنجي سئوٽِ فرزانه سان ٿي ۽ مونکي پڻ ھن جي سئوٽِ شهر بانوءَ سان پرڻايائين.

مون کان سواءِ ٻين کي به بيمارين ۾ ڏسي نه سگهندڙ امان پاڻ بيمار ٿيندي ھئي، ته سڀني کان ۽ خاص طور تي مونکان ان پئي لڪائيندي ھئي. پوءِ جڏھن اچانڪ مان ھن جي روزاني واري اٿ ويھ مان اھا پروڙي وٺندو ھئس، ته وڏن حيلن سان ڊاڪٽرن تائين ھلي مس مس علاج وٺندي هئي.

7 آگسٽ 1993ع جي ڏينهن دل جي دوري سبب منهنجي ھٿن ۾  منهنجي ٻالڪپڻي کي ڀور ڀور ڪري دم ڌڻيءَ حوالي ڪرڻ کان اول ڪجهه چوڻ پئي چاھيائين، پر چئي نه سگهي. سندس موت جي تصديق منهنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ علم ادب جي راھَ ڏيکاريندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ڪئي. وصيت موجب سندس تدفين لاڙڪاڻي لڳ پير شير جي درگاهه واري مقام جي مُھَڙَ ۾ ڪئي وئي. آخري سفر ۾ ٽن ھزار ماڻھن کان مٿي ڪلھي ڪانڌي بڻيس. مونکان منھنجين سچين خوشين ان ڏينهن کان وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏيندي موڪلايو. ھيل تائين آھي ڪيڏا به وس ڪيا اٿم، پر واپس ورائي نه سگهيو آهيان.

اڄ "مائرن جي ملھائجندڙ عالمي ڏينهن” تي منهنجي امڙ عرف جڳ جھان جي "امان وڏيءَ” کان توڙي جو مان پري دل ۽ ساھَ جي مستقل بيماريءَ سبب ڪراچيءَ ۾ آهيان ۽ سندس تربت تي معمول موجب حاضري ڀري ۽ فاتحه نه پڙهي سگهيو آهيان، پر ھر ساھ ۽ نظر ۾ ھوءَ مون سان گڏ آھي. کيس اشڪبار اکين سان خدا تعاليٰ کان جنت الفردوس ۾ جڳهھ ڏيڻ جي دعا گهرندي ۽ گهڻو پري کان سلام پيش ڪندي منهنجو ڪنڌ فخر کان اوچو بڻيل آهي. ڇو ته مان اھڙي عظيم امڙ جو فرزند آھيان، جيڪا سڄي عالم جي امڙ ھئي. جنهن کي ننڍپڻ کان 82 سالن جي عمر تائين وڏي عزت ۽ احترام جو مقام قدرت طرفان ڪنهن وڏي پھتل انسان جيان حاصل رھيو ۽ ساڻس تعلق وارن سڀني ماڻهن جي يادن ۾ يا عمر رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.