سوشل ميڊيا ڪارنر

ماءُ جهڙي رشتي جو ڪو به متبادل نٿو ٿي سگهي

ماءُ جهڙي رشتي جو ڪو به نعم البدل ناهي … ”مدرز ڊي“ تي محترمه بلقيس ايڌي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ ذات پات جي فرق جي لاوارثن ٻارڙن جي ڪفالت ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي اولاد جو درجو ڏنو.

سوشل ميڊيا پوسٽ

ڇا سنڌ جو پاڻي ايڪسپورٽ ڪيو پيو وڃي؟

جڏهن ھن سال جنوري مھيني جي شروعات ۾ اسان جي ملڪ ۾ برفباري سبب انساني سانحو پيش آيو ھيو ته لکيو ھيم:

ھيل جيتري برفباري ٿي آهي ته ھن سال گرمين جي مند ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ ختم ٿي ويندي؟

ايتري معمول کان وڌيڪ برفباري ۽ معمول کان وڌيڪ برساتن باوجود پاڻي کوٽ سدائين وانگر برقرار آهي. ھر طرف پاڻي کوٽ جون دانھون آهن.

آخرڪار ڪالهھ گلگت ۾ گرميءَ جو درجو وڌڻ سبب برفاني پھاڙ ڦاٽي پيو آهي ۽ ٻوڏ جھڙي صورتحال جا امڪان ٻڌايا پيا وڃن، ڇا پوءِ به اسان وٽ پاڻيءَ جي کوٽ جيئن جو تيئن برقرار رھندي؟

جيڪڏھن اڃان به پاڻي جي کوٽ برقرار رھي، ته صاف طور چئبو ته وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير آهي.

ڇا اسان جو پاڻي ايڪسپورٽ ڪيو پيو وڃي؟!

نثار ٻرڙي جي پوسٽ

سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي

سنڌو درياهه جيڪو چائنا لداخ مان ٻاهر نڪري سنڌ ڏي ڊوڙي ٿو اهو فطرت جو حسناڪ تاريخي عمل آهي، ان ڪري ئي قديم سميرين سنڌ کي جنت تصور ڪيو، هزارين سال اڳ برفاني علائقن جي ماريل ستايل آرين ان ئي سنڌو درياهه کي پنهنجي مذهبي ڪتاب رگويد جي ورقن ۾ ان لاءِ محفوظ ڪيو جو انهن سنڌو درياهه کي دل ۽ ذهن سان مقدس سمجهيو. تاريخي سچ اهو آهي ته پنجاب سکن جي سلطنت هو جنهن جو تعلق هندستان سان هو بعد ۾ هڪ حصو انڊيا ۽ ٻيو پاڪستان جي حوالي ٿيو. ان جا پنج درياهه سنڌو درياهه جي پيٽ مان نڪتل آهن جڏهن ته ان باوجود سنڌو درياهه جي اصل منزل ان جو اصل وطن سنڌ ئي آهي. ان ڪري پاڻي جي حوالي سان بين الاقوامي جيڪو معاهدو ٿيل آهي اهو به سنڌ طاس معاهدو سڏجي ٿو، پر اهو به عجيب الميو آهي ته گذريل پنجاھ سالن کان سنڌو درياهه اغوا ٿيل نظر اچي ٿو، تاريخ سنڌ کي اتي آڻي بيهاريو آهي جو اها گُهر ٿئي ٿي ته سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته يقينن اهو تاريخي ڀوڳ برابر سانحو آهي. هن وقت سنڌو درياهه سان جيڪا سازش ٿيل آهي ان کي ڪوبه باشعور سنڌي نظر انداز نٿو ڪري سگهي. سنڌ ۾ خطرناڪ حد تائين پاڻي جي کوٽ جو منظر سامهون آهي، سنڌو درياهه اسان جي زندگي آهي ان ڪري اسان سڀني لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي درياهه جي بقا جي لاءِ هڪ آواز ٿيون. تصوير جو هڪ رخ اهو به آهي ته سنڌ کي جيڪو ٿورو پاڻي ملي به ٿو ته اهو خود سنڌ جو پاڻي ڀوتارن حڪومتي آشيروادين وٽ قيد آهي اهي به پاڻي چور آهن انهن ٻنهي لقائن وچ ۾ عام غريب سنڌي عذاب جو شڪار آهي.

ايوب کوسي جي پوسٽ

پاڻي جو حق وٺڻ لاءِ هنن اڌ اگهاڙن خانه بدوش قبيلن کان ئي ڪجهه سکڻ گهرجي

برازيل حڪومت پاران اميزون درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي جنهن جاءِ تي ڊيم اڏڻ هو اتي قديم قبيلن جي وڏي آبادي رهائش پذير هئي جهنگلي قبيلن کي لڏڻ جو چيو ويو ته لٺين ڪهاڙين سان شهرن ۾ کائي پيا پورو سسٽم ڌرم برم ڪري ڇڏيو، ڊيم جي اڏاوت جي خلاف زنجير ٺاهي احتجاج ڪيا، اقوام متحده جي اجلاس ۾ جهنگلي قبيلن جي اڳواڻ کي گھرائي خاطري ڪرائي وئي ته اهڙو ڪو ڊيم نه ٺهندو جنهن سان اوهان کي لڏڻ پلاڻ ڪرڻي پوي، قديم قبيلي جي اڳواڻ کان ميڊيا وارن پڇيو ته توهان کي ڊيم تي ڇو اعتراض آهن اوهان خانه بدوش آهيو اوهان وٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو جهنگ موجود آهي ڪٿي به رهي سگهو ٿا ”اڳواڻ چيو اسان جو ڪلچر تهذيب اسان جي سڃاڻپ اميزون درياهه سان جوڙيل آهي“ اڄ هن تي ڊيم اڏڻ جي ڳالهه ڪن ٿا سڀاڻي اميزون جهنگ جا وڻ وڍڻ جي ڳالهه ڪندا انکان پوءِ اسانکي ماري اسانجي اباڻي پٽن تي وڏا شهر اڏيندا..

چوڻ جو مقصد اسان ۾ هنن اڌ اگهاڙن خانه بدوش قبيلن جيتري به غيرت ناهي، پنهنجي حصي جو پاڻي فقيرن وانگر پني رهيا آهيون ته اسان کي پاڻي ڏيو

غفور بلوچ جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.