مهانگائي سموري معاشري تي اثر وجهي ٿي

ملڪ جي مختلف علائقن مان جيڪي خبرون اچي رهيون آهن، انهن مان اشارا پيا ملن ته وري مهانگائي وڌندي. جنهن ڪري عام ماڻهو وڌيڪ معاشي دٻاءَ جو شڪار ٿي ويندو.زماني کان ملڪ جي معيشت اوڌر تي يا قرضن تي رهڻ ڪري ڪا به اهڙي سگهاري معاشي پاليسي نه جوڙي وئي آهي، جنهن سان وڌندڙ مهانگائي تي ڪو ضابطو ڪري سگهجي.جنهنڪري ئي هر ايندڙ سرڪار اڳ  ۾ وڏيون ڳالهيون ڪري پوءِ وري ساڳيو راڳ ڳائڻ شروع ڪندي آهي.جيتوڻيڪ موجودهه گڏيل سرڪار ۾ شامل پارٽين اڳوڻي سرڪار کي ڊاهڻ جي لاءِ جيڪا تحريڪ  منظم ڪئي هئي ان جو بنياد مهانگائي تي رکيو ويو هو. پر گڏيل اپوزيشن ان جي متبادل طور ڪو به پروگرام پيش نه ڪري سگهي هئي. جنهن جو هڪڙو ئي مطلب نڪري ٿو ته هن وقت اقتدار ۾ آيل پارٽين کي به مهانگائي جو ڪو گهڻو فڪر نه هو. اصل معاملو هنن کي اقتدار  تائين پهچڻ هو، جنهنڪري مهانگائي کي هڪ اهم اشو ڪري کينو ويو هو، جيئن عام ماڻهو جو ڌيان ڇڪائي سگهجي.

ان کان اڳ اڳوڻي سرڪار جيڪا معاشي پاليسي اختيار ڪئي هئي اها به اوڌر تي ۽قرض تي ملڪ کي ڌڪي ڏيڻ واري هئي جنهڪري ملڪ تي قرض به وڌيو پر عام ماڻهو کي ان قسم جو ڪو رليف نه مليو.هاڻوڪي سرڪار مهانگائي جي ٽوڙ طور  عارضي بندوبست اهو ڪيو ته رمضان ۾ مختلف وڏن شهرن ۾  واهپي جي عام شين جي سستي بازار لڳائي وئي. جنهن جي معيار تي شهرين سوين سوال اٿاريا هئا.

رمضان ختم ٿيندي ئي ملڪ ۾ عيد دوران ۽ ان کان پوءِ عام واهپي جي شين جي مهانگي ٿيڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن،جنهنڪري هڪ عام غريب ماڻهون جي زندگي گهڻي ڏکي ٿيندي پئي وڃي، عارضي ڪوشش يا عارضي بندوبست سان وقت کي ته اڳيان ٽپايو ويو پر  هڪ ڀيرو وري مهانگائي شروع ٿيڻ ڪري ماڻهون وري ساڳي حالت ۾ اچي ويا آهن. هن کان اڳ به ڪمائي ۽ خرچ وچ ۾ اڳوڻين حڪومتن جي پاليسن جي ڪري تفاوت آيل آهي، ان ڪري عام ماڻهون جي بجيٽ اڳي ئي آئوٽ ٿي وئي آهي.مٿان وري روز ڪنهن نه ڪنهن اهم اسم جي قيمت ۾ ٿيندڙ واڌ بي پهچ ماڻهون جي مسئلن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪار جي انتظام هيٺ هلندڙ يوٽليلٽي اسٽورز  تي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جاري نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي دال۽ بيسڻ  تي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه دالين جي قيمتن ۾ 10 روپيا في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته بيسڻ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت مختلف برانڊز جي ڪوڪنگ آئل جي في ليٽر قيمت ۾ 20 روپين تائين جو اضافو ڪيو ويو آهي. في ليٽر کير به 20 روپيا مهانگو ٿيو آهي.مختلف 190 گرام چانهه جي پتي جي قيمت ۾ 12 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي.سڀني کان اهم اسم اٽي جي اگهه ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آهي. ماڻهوءَ کي اٽو هر حال ۾ گهربل هوندو آهي، جنهنڪري اٽي جي قيمت ۾ اضافي جو هر عام توڙي خاص تي اثر پوڻو آهي. فلورملن اٽي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن. جنهن کان پوءِ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1250 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن جو چو ڻ آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا بند آهي. مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون ان لاءِ اٽي جون قيمتون وڌائڻيون پيون آهن. هن چيو ته نئين ڪڻڪ 2300 روپيا مڻ ملي رهي آهي. گذريل سال ڪڻڪ   1800 روپيا ملي رهي هئي ته اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين جو هو.

هن غريب ملڪ ۾ اڳي ئي  لکين هيٺئين ۽ وچولي طبقي جو ماڻهون  بک يا غذائي کوٽ جو شڪار آهي. پاڪستان جي وڌندڙ آبادي ۽ وڌندڙ غربت جي وچ ۾ اهو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. اهڙي صورت ۾عام  واهپي جي شين جي قيمتن ۾ ٿيندڙ اضافي سان وڏو مسئلو پيدا ٿيندو.هڪڙي پاسي اها ڪيفيت آهي ته ٻئي پاسي سموري دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ جا به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.انهن سمورين ڳالهين جو رواجي زندگي تي منفي اثر پوندو.

اسان جهڙي ملڪ لاءِ غربت ۽ مهانگائي جي خلاف جنگ کٽڻ آسان نه هوندو.  وڌندڙ گهڻ رخي غربت،علائقائي اڻ برابري، ڳوٺن ۽ شهرن وارو تفاوت هن مهنگائي واري طوفان ۾  ڪئين سماجي مسئلا پيدا ڪندو.

هن گڏيل حڪومت ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين کي عام ماڻهون کي گهٽ ۾ گهٽ مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل طور تي اهڙي پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان وچولي ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه رليف ملي.

اميد ڪجي ٿي ته هي سرڪار عوام جي ڀلائي جي لاءَ ڪو اهڙو جوڳو پروگرام جوڙيندي جنهن سان هي انتهائي ڏکيو دور نڪري سگهي. ملڪ جي معاشي حالت گهڻي خراب آهي پر ان هوندي به ماڻهن جي هن حڪومت مان توقع آهي ته اها جيڪو نعرو هڻي ميدان ۾ آئي هئي ان تي عمل ڪندي عام استعمال جي شين جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪي ٺوس ۽عملي قدم کڻندي جيئن عوام کي ڪو رليف ملي سگهي.هن سرڪار کي  پهريون قدم اهو کڻڻو پوندو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حقيقي طور تي غريب ماڻهون جي مسئلن ان جي ڪمائي کي نطر ۾ رکندي بجيٽ کي جوڙڻو پوندو جيئن ان جو معاشري تي مجموعي سطح تي هاڪاري اثر پوي.

هن وقت جنهن حساب سان اٽي مهانگي ٿيڻ،استعمال جي لازمي شين جي اگهن ۾ جيڪو اضافو ٿي رهيو آهي ان سان غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاريندڙ ماڻهن جي لاءِ باقي زندگي جو ڪو اتساهه ته نه رهندو، غربت هزارين بيمارين ۽ڏوهن جي ماءَ هوندي آهي، جنهنڪر ي ملڪ جي ان اڪثريت کي ڪنهن وڏي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ئي حڪومت کي ڪجهه قدم کڻڻا پوندا ٻي صورت ۾ حالتون گهڻيون ڳنڀير ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.