عوام کي مهانگائيءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي

اي اي عباسي

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ ٻئي جي سخت ۽ ڪٽر مخالف سياسي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي دل جگر تي پٿر رکي به هڪ جاءِ تي ويهي پنهنجي مخالف پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) کي مات ڏيڻ لاءِ ٻڌي ايڪي ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي ويهجي ويا آهن، نه چاهيندي يا چاهيندي ، دل سان يا بي دليو پر ٻئي پارٽيون پ پ ۽ ن ليگ هاڻي ٻئي اقتدار جا ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان جنهن ڏينهن کان اقتدار مان لٿو آهي انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهيءَ جا سياسي جلسا، ريليون ميڙ ميڙاڪا سڀ ائين جاري آهن ڄڻ ته سڀاڻي اليڪشن هجي ۽ هو اليڪشن ۾ مهم ۾ پنهنجا جلسا ڪري رهيو هي، جڏهن ته انهيءَ کي پوڻا چار سال جو ايڏو سارو وڏو پيرڊ مليو پر هو پهريان 90 ڏينهن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڳالهه ڪندي، يوٽرن وٺي ويو ۽ پوءِ هڪ ڪروڙ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، بجلي سستي ڪرڻ، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ، 50 لک گهر غريبن ۾ ورهائڻ سميت الائي ڪيڏيون ڳالهيون ڪندو رهيو پر عملي طرح هڪ ڳالهه تي هلي نه سگهيو، مهانگائيءَ کي اتي پهچايو جنهن جو تصور ڪرڻ به محال آهي.

بهرحال هاڻي جڏهن پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي گڏيل حڪومت بڻي آهي، جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف جي ڀاءَ اڳوڻي پنجاب جي وزير اعليٰ شهباز شريف کي ملڪ جو نئون وزير اعظم چونڊيو ويو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ءَ کي پرڏيهي وزير بڻايو ويو، اهڙي طرح ن ليگ ۽ پ پ جا اڪثريتي وزير سيد خورشيد شاهه، حنا رباني کر، شازيه عطا مري، نويد قمر زمان، شيري رحمان ۽ ٻيا کنيا ويا آهن ۽ انهن ۾ ٻين جماعتن متحدهه قومي موومينٽ، جمعيت علماءِ اسلام، نوابزادهه شاهه زين بگٽي توڙي ٻيا کڻي ن ليگ ۽ پ پ جي نئين حڪومت ٺاهي وئي آهي،جنهن کان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ ئي انهن وزيرن شڪراني جي طور ٻنهي پارٽين جا سربراهه شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري هڪ وڏي وفد جي صورت ۾ عمرهه شريف جي سعادت حاصل ڪئي جتي جيڪو افسوس جوڳو واقعو ٿيو انهيءَ تي پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مورال ڪافي پوئتي ٿيڻ لڳو .

بهرحال سفاڪي، درندگي، وحشي پڻي سان ڪڏهن به حڪومتون قائم نٿيون ڪري سگهجن، پ پ پ ۽ نواز ليگ حڪومت هاڻي پنهنجي رويا ۾ جيڪا ڊگهي سياسي ويڙهه ۽ سياسي تجربن بعد بهتري آڻي جيڪا مفاهمت ڪئي آهي اها عارضي نه پر مستقل بنيادن تي هجڻ گهرجي ۽ اها انهن سمورين ن ليگ ۽ پ پ سميت سڀني لاءِ وڏو چئلينج به آهي ته اهي سوا سال يا ڏيڍ سال جي مختصر پيرڊ ۾ ڪيئن ٿا ملڪي سسٽم ، ڪاروهنوار هلائين؟، ڪهڙي طرح ٿا عوام کي ريليف ڏين، ڪهڙي طرح ٿا سنڌ صوبي کي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ مان هميشه لاءِ نجات ڏيارين، ڪهڙي طرح ٿا مهانگائيءَ جي نحوست مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارين، ڪهڙي طرح ٿا عوام کي بک، بيروزگاري، افلاس، تنگدستي، غربت، لاقانونيت، دهشتگرديءَ مان نجات ڏيارين.

ڇاڪاڻ ته عوام پوڻا چار سال رڳو ڪوڙ مٿان ڪوڙ رڪارڊ ڪوڙ جون جڙتو ڪهاڻيون ٻڌي بيزار ٿي ويو آهي، ملڪ جو خاص ڪري سنڌ جو عوام بري خبرون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيو آهي، سٺي ۽ ڀلي خبر لاءِ ترسجي ويو آهي، سنڌ جي عوام کي لوڊشيڊنگ مان نجات ملي ڄڻ وڏي ۾ وڏي ۽ ڀلي ۾ ڀلي خبر ملندي، سنڌ جي اندر روزمرهه جي شين جي استعمال وارين قيمتن تي “ڪنٽرول ريٽ لسٽ ” تي عملي طرح عمل ٿي مليو ڄڻ وڏي خوشخبري واري خبر ملندي، سنڌ جي پڙهيل لکيل تعليم يافته بيروزگارن کي روزگار نوڪريون مليون ڄڻ وي وي آءِ پي نيوز ملندي، سنڌ ڏکايل، سڪايل ۽ حقيقي همدرديءَ جي مستحق آهي، سنڌ سان ظلم زيادتين جو ازالو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ن ليگ ۽ پ پ واقعي ملڪ جي عوام سان سنجيده  ۽ مخلص بڻجي وڃن ته پوءِ هيءُ ٻئي پارٽيون ايندڙ وقت ۾ مارڪو ماري سگهن ٿيون ۽ پي ٽي آءِ سميت چڱن ڀلن کي ڪيرائي سگهن ٿيون نه ته انهن جو به برو حشر ٿي سگهي ٿو ڇو جو عروج کان پوءِ زوال آهي، خدا تعاليٰ هنن ٻنهي پارٽين کي موقعو ڏنو آهي ته پوءِ اهي مخلصاڻي انداز ۾ انتقام وٺڻ بجاءِ سڀني سان انساني همدردانه رويو رکندي پنهنجي عوام پنهنجي ڌرتي واسين جي حقيقي خدمت ڪري سرخرو ٿي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي سياست ۾ عوام جي ووٽ جو قدر ڄاڻين ٿا ، اهي انسانيت جي خود داري کي به محسوس ڪرڻ ڄاڻين؟، 22 ڪروڙ کان مٿي ملڪ جو عوام ٻنهي پارٽين جي  آسري سهاري ۽ انهن جي عملي خدمتن جي انتظار ۾ ويٺل آهي.

حالتن جي ستم ظرفي اها رهي آهي ته هن ملڪ ۾ حقيقي خدمت گذار سياسي شخصيتن کي برداشت نه ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪي مشڪري ٽائپ ۽ پتلي تماشو ڪندڙ ڊرامائي ڪردار هوندا آهن انهن کي تڪڙي سفارش تي اڳتي آندو ويندو آهي، جيڪا ملڪ لاءِ وڏي ٽريجڊي هوندي آهي، ملڪ ۾ تماشي جي نه پر حقيقي معنيٰ ۾ خدمت جي ضرورت آهي، ڪير هاڻي جلسا ڪري ٿو ڪير الزام لڳائي ٿو، موجودهه حڪومت انهي طرف توجهه ڏيڻ بجاءِ پنهنجي عملي خدمت تي ڌيان ڏيئي عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ۽ مهانگائي تي مڪمل طرح ڪنٽرول ڪيو وڃي نه ته نفرت جي باهه سڀني کي لوڙهي سگهي ٿي.

پي ٽي آءِ وارا هاڻي ڪيترا به جلسن جا شيڊيول ترتيب ڏين پر اهي ملڪ جي عوام وٽان نفرت جو شڪار ٿي چڪا آهن، انهن کي خدمت جو موقعو ڏنو ويو پر انهن فرح گوگيءَ ذريعي مال ڪمائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي انهن لاءِ اها ئي وبال جان بڻجندي ۽ هن ملڪ گذريل 75 سالن کان هر هڪ حڪومت ۾ ڪيترن ئي قسمن جون گوگيون حڪومتي آشيرواد سان پلجنديون رهن ٿيون ۽ انهن جي حڪم اشاري سان اهي فرح گوگيون پوري سسٽم نظام لاءِ اڏوهيءَ جو ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن وقت جا حڪمران حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه جي بي مثال حڪمرانيءَ جي عظيم بابن جو گهيرائيءَ سان مطالعو ڪن ته جيڪر اهي انهن فرح گوگيءَ جهڙين ڄرين کي ڀرسان به اچڻ نه ڏين پر بدقسمتيءَ سان اسان جي حڪمرانن وٽ پسند ۽ ناپسند، پنهنجن ۽ پراون کي نوازڻ وارو عنصر اڳ ۾ رهي ٿو، باقي خلق خدا ويچاري هروڀرو جا نعرا لڳائيندي رهي ٿي.

سنڌ جو عوام به نئين وزير اعظم شهباز شريف کان ساڳئي اميد رکي ٿو ته جڏهن ملتان، لاهور، اسلام آباد ۽ پنجاب صوبي جي شهرن ۾ جديد ترين سهولتن واريون مهربانيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اتي ميٽرو بس، گرين ٽرين، روڊ رستن، گل ٻوٽن، گرينري جا خوبصورت منظر ، وڏا وڏا پارڪ ، باغ باغيچا، سير سفر لاءِ تفريح گاهه  ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جهڙيون پنجاب صوبي ۾ سهولتون ملي سگهن ٿيون ته پوءِ اهو ئي شهباز شريف وزير اعظم جي عهدي تي اچڻ بعد سنڌ صوبي جي ترقيءَ لاءِ به ڪي جديد ترين سهولتون مهيا ڪري ڏيکاري ته سنڌ جو عوام محسوس ڪرڻ لڳندو ته هيءُ وزيراعظم نه رڳو پنجاب جي وڪالت ڪري ٿو پر هيءُ ملڪ پاڪستان جي چئني صوبن جو واقعي ئي وزير اعظم آهي، سنڌ جي محرومين ۾ نام نهاد هٿرادو مهانگائيءَ جو راڪاس ۽ چوٽ چڙهيل مهانگائي مان نجات جو خواهشمند آهي، مرغي عيد کان پوءِ جتي سڄي ملڪ ۾ 3 کا ساڍا ٽي سئو رپيا ڪلو وڪرو ٿي پئي پر سنڌ جي اندر لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر وغيرهه شهرن ۾ منافع خورن 6 سئو رپيا ڪلو ڪري ڇڏي آهي، تيل ، گيهه، اٽو، روزمرهه جي استعمال جي شين جون قيمتون چوٽ چڙهيل آهن ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، احتساب ڪونهي، جنهن کي جيئن وڻي ٿو اهو ائين لٽمار ڪري رهيو آهي، مري ته ويچارو سفيد پوش وچولو طبقو ويو، پرائيس ڪنٽرول لسٽ وارا رسمي طرح خانا پوري پنهنجي فارملٽي پوري ڪري مڙيئي سڙيئي اگهه مقرر ڪندا رهن ٿا، جنهن تي عمل ڪرڻ ڪنهن جو ڪم آهي ۽ هڪ ٻه ڏينهن پر مستقل بنيادن تي عوام کي ريليف ملڻ گهرجي، اڳ ۾ ته ڏوهه گناهه سڀ ئي عمران حڪومت تي ڦٽا ڪيا ويندا هيا پر هاڻي ڪنهن جي کاتي ۾ ڪيو وڃي؟، ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين، ناجائزين، ظلم ڏاڍ جي ڀيانڪ تاريخ آهي جنهن جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ضرورت آهي. پ پ ۽ ن ليگ کي الله پاڪ موقعو ڏنو آهي ته اهي صبر، تحمل، برداشت پنهنجن ذاتي عارضي خصيص مفادن بجاءِ سنڌ جي اجتماعي مفادن لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارين ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام هميشه پيپلز پارٽي کي ووٽ ڪري اقتدار جو مالڪ بڻايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.