اَڄُڪلھه جي سياست ۾ اسان جي ووٽن جو استعمال ؟

سجاد کوسو

هر سياسي نظام پنهنجي پنهنجي سياسي ڪلچر ۽ ڪم  سان سماج ۾ جڙيل هوندو آهي ۽ اهي ان جي بدلي ۾ پنهنجن ماحول ۽ شهرن علائقن کي عوامي پاليسي ذريعي ٺاهيندا آهن، مختلف سياسي نظامن جي وچ ۾ لاڳاپا عالمي سياست جو بنياد آهن. هاڻي ڳالهھ ڪجي اسان جي ماحول ۽ سياست جي ته  پاڪستان آبادي جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو مسلم ملڪ آهي، پاڪستان جي سياست انهن نظرين ۽ نظامن مان هڪ آهي جنهن جي بنياد تي پاڪستان کي 1947ع ۾ هڪ قومي رياست جي حيثيت سان قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيئن (قائد) باني قائداعظم محمد علي جناح جو تصور هو، پاڪستان آئيني طور تي هڪ جمهوري پارلياماني جمهوريا آهي جنهن جو سياسي نظام حڪومت جي چونڊيل شڪل تي ٻڌل آهي. 2003 ۾ موجوده نظام جي قيام کان وٺي،

پاڪستان دنيا جي نوجوان جمهوريتن مان هڪ آهي. سوال اهو آهي ته  ڇا اسان جا ووٽ صحيع استعمال ٿين ٿا ؟ جتي صحتمند ماڻهو اسپتالن ۾ بيمار ٿئي ۽ مايون روڊن تي ٻار ڄڻين، جتي ٻارن، جانورن ۽ پکين جو موت هجي. پوڙھن، هارين نارين کي ڌمڪيون ملن، روز مهنگائي جو جن ٻاهر نڪري، روز بيروزگاري نوجوان ڳهي وڃي، جتي عوام غريب کان غريب تر ۽ ڀوتار امير کان امير تر ٿئي، جتي سرڪاري بلڊنگ، روڊ رستا ۽ ازيت جو سامان مهيا ڪن، جتي مريضن ايمبولينسنه ملي سرڪاري گاڏيون ڀوتارن کي ملن، ، پوليس موبائلون چمچن جو باراتون کڻن، جتي غريب هاري ڪڻڪ پوکيندي به  گاھ کائن ۽ ڀوتار جا گڏھ، گهوڙا پشتا بادام کائن، جتي هاري ڪپھ پوکيندي به  اگهاڙو ڦري ۽ ڀوتار ڏينهن ۾ جوڙا مٽائي، جتي غريب جي گهر نه  بجلي اچي ۽ ڀوتار وٽ جنريٽر، سمشيون ۽ يو پي ايس تي چمچا چوڪيداري ڪن سمجهو اسان جا ووٽ غلط هٿ ۾ آهن.

ووٽ ڏيڻ هر فرد جو حق آهي، هر فرد پنهنجي پنهنجي مرضي سان ڪهڙي به  پارٽي کي ووٽ ڏئي سگهي ٿو، ٻهراڙي جهڙن علائقن ڏانهن نظر وجهجي ته  اُتي ووٽ وٺڻ يا  ڏيڻ جو طريقو قانون مطابق بلڪل به  ناهي، هتي ووٽ مرضي سان ڏنا نه  ويندا آهن پر ڦريا ويندا آهن، هِتي سادا ماڻهو جن کي پنهنجي ووٽ جي قيمت خبر ناهي، اُنھن کان ووٽ ڏيڻ وارو حق ڦريو پيو وڃي، ووٽ وٺڻ جا غير قانوني طريقا اسان جي ٻهراڙي علائقن ۾ هڪ ڌنڌو بڻجي ويو آهي، سنڌي ۾ چوندا آهن ته  جيڪو ڏاڍو سو گابو، اُنهيءَ طرح وڏيرائي سسٽم اسان وٽ عام آهي جنهن جي هيٺ ماڻهن جي گهڻائي آهي، اُنھن جون ٻنيون جو هارپو ڪندا آهن، يه  وري اُنھن جو راه گذر وڏيرن جي ٻنيون مان ٿيندو آهي، جنهن جو فائدو وٺي وڏيرا پنهنجي ڏاڍائي/پوزيشن جو استعمال ڪري ووٽ حاصل ڪندا آهن، جنهن کي اسان انگريزي ۾ Undue influence چوندا آهيون، جيڪو صاف غير قانوني آهي، يه  وري وڏيرن جي ٻنيون هارپو ڪندڙ هارين کي ٻنيون جو هارپو ڦرڻ جون ڌمڪيون ڏئي يا  وري  اچڻ وڃڻ جو رستو يه  ٻنيون جو پاڻي بند ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي ووٽ حاصل ڪيا ويندا آهن، نتيجن اسان جي ٻهراڙي جي  علائقن جا  80 سيڪڙو ووٽ غلط استعمال ٿيندو آهي،

ٻهراڙي علائقن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ووٽ ڏيڻ جمهوري حق آهي جنهن حق مان غريب محروم آهن، جنھن جو نتيجو اُنھن علائقن ۾ انساني حق نه  ملندا آهي، جيئن اسڪول/تعليم، اسپتالون/دوائون، روڊ رستا، فصلن جو پاڻي ۽ تمام گھڻيون ضرورتون جيڪو پاڪستاني عوام جو حق آھن، جيڪو اُنھن ماڻهن جي سوچ ۾ به  ناهي ته  اُنھن جا ڪهڙا جمهوري حق آهن جنهن مان ڪوئي انڪار نه  ٿو ڪري سگهي نه  ئي زبردستي ڪري سگهي ٿو، خاص ڪري ٻهراڙي ماڻهن لاءِ ته  پاڪستان آزاد ملڪ سان گڏو گڏ هر فرد کي آزادي جو حق ڏنو آهي توھان پنهنجو ووٽ سرعام آزادي سان ڪَنھن کي به  پنهنجي مرضي مطابق ڏئي سگھو ٿا ڪنهن کي به  ڪوئي به  ڌمڪائڻ جو حق ناهي، جيڪڏهن اھڙا نتيجا نڪرن ٿا ته  قانون توهان جي هر حقن لاءِ موجود آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.