رتيديري ڀرسان هٿياربندن جو گهر تي حملو، هڪ ڄڻو قتل، ٻه عورتون ۽ نينگر زخمي

رتوديرو(رپورٽ:طفيل ساريو) رتوديرو لڳ وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ علي بخش ڪٽوهر تي آچر ڏينهن صبح سوير نامعلوم هٿياربندن هڪ گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني هٿياربندن جي ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي 40 ورهين جو ٻانهو ڪٽوهر ، سندس زال 37 ورهين جي سسئي پٽ 16 ورهين جو ظفر ۽ 18 ورهين جي ڌيءُ صائمه سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو جتان بعد ۾ کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اماڻيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي ٻانهو ڪٽوهر فوت ٿي ويو مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد سندس جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين جو لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته مقتول خير پور ميرس ضلعي جو رهواسي آهي جيڪو هتي زرعي زمين تي مزدوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر ڀاتين سان گڏ آيل هو مقتول جو لاش سندس وارث خيرپور ميرس کڻائي ويا ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ شمس الدين ڪٽوهر جو چوڻ هيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي خبر نه آهي ته اسان جي گھر تي حملو ڪنهن ڪيو آهي هن چيو ته اسان غريب ماڻهو آهيون منهنجي ڀاءُ کي بيگناه قتل ڪري اسان سان وڏو ناحق ڪيو ويو آهي هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي مدد ڪري منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته علائقي ۾ اهي به چوٻول آهن ته واقعي جو ڪارڻ جلباڻي ، ڪٽوهر ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نتيجو آهي جنهن ۾ اڳ ٻنهي ڌرين جا 20 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن جڏهن ته آخري اطلاعن تائين حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.