لاهور ( م ڊ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما چيو آهي ته پرڏيهي سازش تحت اندروني سهولتڪارن ذريعي مداخلت ڪئي وئي، ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ جمهوريت جو قتل ڪيو ويو. پنهنجي بيان ۾ گورنر پنجاب چيو ته پرڏيهي سازش ۾ اندروني سهولتڪارن ذريعي پارليامينٽ جي بالادستي تباهه ڪئي وئي، ساڳي واردات پنجاب ۾ به ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھن چيو تھ آئين، قانون ۽ سياسي تاريخ جي روشني ۾ اسان پرڏيهي سازش ۽ مداخلت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بحران ۾ عدليه، پارليامينٽيرينز ۽ سياسي جماعتن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. 03