گهوٽڪي مان ڳوٺاڻو اغوا، وڏي وزير نوٽيس ورتو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ جهانپور شريف واري علائقي مان پاڻي جي واري تان اغوا ٿي ويل مغوي عثمان ڪولاچي جي اغوا توڙي گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جو وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو آھي جنهن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت پوليس اختيارين کي جلد مغوي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آھي، وڏي وزير جي نوٽيس بعد گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سرحد جي ڪچي واري علائقي نانگ واهه ۾ مغوي عثمان ڪولاچي جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو، پوليس آپريشن ۾ اي پي سي چين ۽ ڪيترن ئي بڪتربند گاڏين پڻ حصو ورتو آپريشن دوران نانگ واهه وٽ ڪچي طرف ايندڙ توڙي ويندڙ رستن تي پوليس پڪٽون قائم ڪري عام ماڻهون جي اچ وڃ پڻ بند ڪئي وئي، پوليس موجب ته تمام جلد مغوي عثمان ڪولاچي کي بازياب ڪرايو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.