ادارن ڪراچي مان جيڪو گند صاف ڪيو، اهو واپس پيو اچي: فواد چوڌري

اسلام آباد( م ڊ) سڌ سماءُ واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪو گند سيڪيورٽي ادارن صاف ڪيو اهو واپس اچي رهيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته وزيراعظم نسرين جليل جو نالو گورنر سنڌ جي طور تي تجويز ڪيو آهي جڏهن ته 18 جون 2015ع تي نسرين جليل انڊين هاءِ ڪميشن کي خط لکيو ۽ نسرين جليل انڊيا کان پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف تعاون گهريو هو. هن چيو ته افسوس ٿيو ته ڪراچي ۾ جيڪو گند سيڪيورٽي ادارن صاف ڪيو هو اهو واپس اچي رهيو آهي. فواد چوڌري چيو ته مهانگائي ۽ وياج جي شرح پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي. جڏهن ته دوست ملڪن کان به مدد نه پئي ملي ۽ آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل معاملا به ٻڏتر جو شڪار آهن. هن چيو ته ناڻي واري وزارت لنڊن ۽ اسلام آباد وچ ۾ ڇڪتاڻ جي نظر ٿي چڪي آهي. اندازو لڳايو ته 2 مهينا اڳ پاڪستان ۾ اهڙو بحران نه هو. ملڪي خودمختاري ۽ معيشت ٻنهي تي وار آهي.  .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.