سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي

ڪيٽي بندر(رپورٽ: ، الياس سمون) ڪيٽي بندرکاروڇاڻ ۾ ھن وقت پاڻيء جي ھٿرادي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي 103 کان اڏيرولال بئراج۾ ايندڙ پاڻي کي ھٿرادو بند ڪري ٽارگيٽ مطابق سامونڊي پٽيءَ کي بنجر بڻايو پيو وڃي ڪيٽي بندر جي ھڪ يوسي ٻيٽ ميھار جنھن کي پاڻي جي سپلائي ڏيندڙ انڊو مان نڪرندڙ دارسي شاخ ۾ گزريل ٽن سالن کان مڪمل پاڻيءَ جو بحران رھي ٿو ھر ڏينھن آبادگارن جو احتجاج آھي دارسي شاخ جي آبادگارن عثمان مروو شوڪت مروو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته انڊو مان نڪرندڙ دارسي شاخ جو ايريگيشن انجنيئر پوڇڙ وارن جو پاڻي منڊ جي بااثر زميندارن سان پيسن تي وڪڻي ٿو جنھن سبب پاڻي پوڇڙ۾نٿو پھچي ھنن چيو ته اسان ايريڪشن انجنيئر جي خلاف سيشن ڪورٽ ٺٽو۽ ھاء ڪورٽ۾درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي جيڪو ڪيس پڻ ھلندڙ آھي ٻئي پاسي ڪيٽي بندر جي يوسي ٻگھاڻ کي پاڻي پھچائڻ واري ٻن شاخ کي ٽي سال اڳ سي سي ڪري تباھ ڪيو ويو آهي ٻن جي آبادگارن مرتضيٰ ساڪاڻي، وزير جت، عثمان ماليو۽ ٻين ٻدايو ته ٻن شاخ کي سي سي ٿيندي ٽي سال گذري ويا آهن اسان پوڇڙ وارن ھيل تائين پاڻي نه ڏٺو آھي اسان جون زمينون ڪلر ٿي ويون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.