چار رٽائرڊ فوجي آفيسرن جي عمران سان ملاقات

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) طاقتور حلقا ان تي سوچي رهيا آهن ته چونڊون ڪرايون وڃن ته ڇا ٿيندو ڇو ته 30 يا 35 هزار ماڻهن جو جلسو ڪرڻ ته سولو آهي پر اليڪشن ۾ ووٽ کڻي سوڀ ماڻڻ الڳ ڪم آهي، سينيئر صحافي مبشر لقمان پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته  اين اي جي تڪ ۾ 3 لک ووٽر هجن ٿا ، ان لاءِ  اميدوار کي گهٽ  ۾ گهٽ ڏيڍ لک ووٽ کڻي ايم اين اي ٿيڻو پوي ٿو، ان حساب سان ته عمران خان جي صورتحال ته شايد 2013ع به نه رهي ته پوءِ چونڊ نتيجا قبول ڪندو! تڪڙيون چونڊون ان ڪري نه ٿيون ٿي سگهن ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جو شيڊيول ڏئي چڪي آهي، عام چونڊون ٿيون ته مڪاني چونڊون سال ڏيڍ اڳتي هليون وينديون، اليڪشن ڪميشن کي نيون تڪبنديون ۽ حڪومت کي ا ي وي ايم سيمت پيا چونڊ سڌارا به ڪرڻا آهن، ٻئي طرف رٽائرڊ فوجي آفيسر به ريڊ لائين ڪراس ڪري چڪا آهن، جن  کي به حدن اندر آندو وڃي ۽ رعايتون ختم ڪيون وڃن، رڳو سي ايم ايڇ جا در انهن لاءِ بند ڪيا وڃن ته رٽائرڊ فوجي  آفيسرن جون رڙيون نڪري وينديون، مون کي ته اطلاع آهي ته 4 رٽائرڊ فوجي آفيسر عمران خان سان مليا آهن جن مان هڪ ايم اين اي ٻئي سينيٽر، ٽئين واپدا چيئرمين ۽  چوٿين بچاءَ  جو وزير ٿيڻ جي خواهش ڪئي آهي، ان ڪري انهن  رٽائر فوجي آفيسرن کي نيڪالي ڏيڻ گهرجي انهن کي سياست جي ڪهڙي خبر آهي جو عمران خان پٺيان لڳي پيا آهن، يوٿين وٽ نه اکيون، نه ڪن ۽ نه ئي عقل آهي، ان ڪري عمران پويان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.