چوهڙ جمالي ۽ شاهبندر تعلقن ۾ پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ويو

چوهڙجمالي(ن ع آ) چوهڙ جمالي ،شاهبندر تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي شاخن مان واري اڏامڻ لڳي , شاهبندر تعلقي جي شاخن ستاواھ ، کانٽو واھ ، گهار واھ رطول ۽ ماڇڪي شاخ ۾ آپباشي عملي پاران گذريل ڪيتري وقت کان پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڄاڻايل شاخون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري شاخن منجهان واري اڏامي رهي آھي انسان توڙي جانور پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آھن جڏھن ته پوڇڙ وارن علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال ڪر کنيو آھي پاڻي نه اچڻ ڪري لکين ايڪڙن تي مشتمل زمينون بنجر بڻجي ويون آھن هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيو آھي جنهن جي ڪري مقامي آبادگارن کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي ان حوالي سان شاهبندر تعلقي جي سياسي سماجي ڌرين ۽ آبادگارن سيد محبوب حسين شاھ ,  رحيم بخش جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته گذريل ڪيتري وقت کان شاهبندر تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.