صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي بندش جو ارادو نه ٿا رکون: وزيراعظم

لاهور(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررواين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو، پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي، حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هو ڪالهه آچر ڏينهن لاهور ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڪريٽري انفارميشن شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. وفد ۾ سي پي اين اي جو صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر پنجاب ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري جنرل عامر محمود، جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، تنوير شوڪت، رميزا نظامي ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا. گڏجاڻي ۾ صحافين جي مسئلن خاص طور اخباري ادارن جي رهتن بابت ڳالهه ٻول ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ان عزم کي ورجايو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، وزيراعظم ان ڳالهه جي پڻ خاطري ڪرائي ته پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررواين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي. وزيراعظم صحافت جي آزادي، جمهوريت جي بقاءَ ۽ جمهوري ادارن جي ارتقا ۾ سي پي اين اي جي بطور اداري مثبت ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته هن وقت قوم کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ته جيئن غيرمعمولي معاشي معاملن کي عوام جي ڀلائي لاءِ حل ڪري سگهجي، اهڙين حالتن ۾ حڪومت جي خلاف مارچ بنا سبب ۽ قوم ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي برابر آهي. حڪومت سي پيڪ ۽ ريڪوڊڪ سميت ملڪ ۾ ٻين سمورن ترقياتي منصوبن تي موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.