بزنس لائزن ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو، واپاري رٿائن ۾ حصو اٽڪائن: بلاول

ڪراچي( رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول واپارين کي پبلڪ پرائيويٽ منصوبن ۾ هٿ ونڊائڻ جو مشورو ڏيندي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڪراچي جي واپارين  پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي حصي جي گئس نه ٿي ملي، بلن ۾ به مت ڀيد ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سنڌ حڪومت واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بزنس لائزن ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلاول سان واپارين جي وفد ملاقات ڪئي، جن ۾ زبير موتي والا، محمد علي ٽبه، فواد انور، جاويد بلواڻي، ادريس ميمڻ، زبير ڇاپا، مسعود نقي، ذڪي بشير، زيد بشير ۽ ٻيا واپاري اڳواڻ شامل هئا. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير مراد شاهه، وقار مهدي، ناصر شاهه، سعيد غني، اختيار بيگ، علي راشد ۽ ٻيا موجود هئا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بزنس لائزن ڪميٽي جوڙي ويندي. واپارين چيو ته ڪراچي جو ملڪي برآمد ۾ 50 سيڪڙو حصو آهي، حڪومت سهڪار ڪري ته ٻيڻ تي واڌ آڻيون. واپارين چيو ته سنڌ کي حصي جيو گئس نه ڏيڻ به غيرآئيني آهي. گهوٽڪي گئس فيلڊ مان 110 ايم ايم سي ايف ڊي   حصو سنڌ کي نه پيو ڏنو وڃي. ڪي فور کي عمران خان گهٽايو، ان کي وڌايو وڃي. واپارين چيو ته ڊسمبر کان جي ايس پي پلس درجو ختم ٿي ويندو، ان حوالي سان ڪوششون تيز ڪيو، پرڏيهي وزير طور پيغام کڻي وڃو ته امداد نه پر واپار گهرجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.