سنڌ ۾ ايندڙ هفتي تيز گرمي، سڄو ملڪ تپش هيٺ رهندو

ڪراچي (رپورٽر)   ملڪ سميت سنڌ ۾ گرمي جي تيز لهر وڌيڪ هڪ هفتي تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته گرمي جي لهر سبب پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد 7 کان 9 ڊگري تائين وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 48 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي جيڪب آباد ۽ دادو ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. طبي ماهرن شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منجهند جو بنا ضرورت گهران نه نڪرو، مٿو ڍڪي رکو، هلڪا ڪپڙا پهريو، پاڻي وڌيڪ پيئو ۽ هلڪي غذا کائو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.