اسٽيبلشمينٽ ۾ اهم مقرريون ۽ بدليون ٿينديون : نجم سيٺي

لاهور (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي نجم سيٺي انڪشاف ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، خاص طور  پشاور ڪور ۾ اهم مقرريون ۽ بدليون ٿيڻيون آهن، نامياري صحافي عدنان حسين پنهنجي وي لاگ ۾ نامياري صحافي نجم سيٺي جي حوالي سان خبر ڏيندي پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته ايئن  محسوس  ٿي رهيو آهي ته اهم عهدي تي مقرريءَ لاءِ جيڪا اهليت گهربل آهي ان لاءِ ڪجهه سينيئر آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ٿي رهيون آهن، هوڏانهن نام نهاد صحافي عمران رياض کانپوءِ  هڪ ٻئي نام نهاد صحافي سميع  ابراهيم پنهنجي يوٽيوب چئنل تي اچي اسٽيبلشمينٽ سربراهه تي الزام مڙهيو آهي ته عمران خان خلاف مخالف ڌر کي ان متحد ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي ان کي نوٽيس جاري ڪري 13 مئي تي وضاحت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.انهي سموري صورتحال مان لڳي ٿو ته عمران خان جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.