فوج کي سياسي ڳالهه ٻول ۾ نه گهليو، چڙ ڏياريندڙ بيان نقصانڪار آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال ۾ ڄاڻي واڻي فوج ۽ ان جي قيادت کي ملوث ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، اهي ڪوششون فوج سان گڏوگڏ ان جي اعليٰ قيادت جي حوالي سان آهن. آءِ ايس پي آر موجب اهي ڪوششون سڌي ريت يا اڻ سڌي طرح سوشل ميڊيا سميت مختلف فورمن تي ڪيون ويون، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ تجزئي نگارن طرفان اڻ تصديق ٿيل، ساک کي نقصان پهچائيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ  بيانن جو عمل انتهائي نقصانڪار آهي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته فوج اميد ڪري ٿي ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکندا.  پاڪ فوج کي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي سختي سان مذمت ڪيون ٿا، اميد ڪيون ٿا ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ۽ ملڪي مفاد ۾ هٿياربند فوجن کي سياسي ڳالهه ٻول کان پري رکندا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.