ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ رڳو واري، پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌودرياهه ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب سنڌ جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، جنھن سبب پوکيل ووئڻن جي فصل سميت مختلف زرعي فصلن جي سڪڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ رڳو واري اڏامڻ لڳي آهي، عام طور تي به ڪوٽڙي بئراج تي ايترو پاڻي موجود ناهي هوندو جو واري جا وڏا دڙا ڍڪجي سگهن، پر هن وقت صورتحال ان کان به وڌيڪ خراب آهي، حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان، ڄامشورو سميت مختلف علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿيڻ جو امڪان به وڌي ويو آهي، سنڌ جي ساڃاھ وندن، سياسي سماجي اڳواڻن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ کي سڪائڻ بند ڪيو وڃي. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان پاڻي جي شديد کوٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ درياهه هاڻ مڪمل طور تي سڪل نظر اچي رهيو آهي، سمنڊ جي ساحلي علائقي ۾ پاڻي جي تمام وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ محمد خان ساريجو چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڪي رھيا آھن، اھا صورتحال برقرار رھي ته ووئڻن جي فصل سميت سمورا زرعي فصل ختم ٿي ويندا، جنھن سان زراعت جي شعبي ۾ وڏو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو، ان ڪري پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي حل ڪيو وڃي. ايوان زراعت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل زاھد ڀرڳڙي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي اھڙي کوٽ سبب انسان توڙي جانور ۽ پکي به سخت پريشان آھن، پاڻي جي اھڙي کوٽ ڳڻتي جوڳي آھي، پاڻي جو اھو بحران برقرار رھيو ته سنڌ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي سگھي ٿي. زرعي ماھر آباد گار اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سڄي سنڌ جي صورتحال به خراب ٿي رھي آهي، ھڪ طرف پاڻي جي سخت کوٽ آھي ته ٻئي طرف سخت گرمي آھي اھا صورتحال زراعت کان وٺي انسانن توڙي پکين ۽ جانورن لاءِ خطرناڪ آھي، پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي وفاقي حڪومت فوري طور حل ڪري. سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر جتوئي چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ سبب انساني آباديون پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، زرعي فصلن کي نقصان پھچڻ سان ھاري ھڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويندا، ان ڪري سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي، سنڌ کي حصي موجب هن وقت 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي، پر سنڌ کي انڊينٽ موجب پاڻي نه ملي رهيو آهي، هن وقت سنڌ ۾ 47 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي کوٽ آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان بئراجن تي پاڻي جي کوٽ جي سبب اڪثر ڪئنال ۽ فيڊر بند آهن. انگن اکرن موجب ڪالهه تائين گڊو بئراج تي مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو 33 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 27 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو صرف8 هزار ڪيوسڪ رهيو، اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو وهڪرو گهٽجندو ڪالهه تائين 49 سئو ڪيوسڪ بچيو آهي، جڏهن ته هيٺاهون وهڪرو نه هجڻ جي برابر رڳو 2 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، هن وقت گھوٽڪي فيڊر، ڊزرٽ پٽ فيڊر، بيگاري سنڌ فيڊر، ريني ڪئنال، رائس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال بند آهن.ڄامشورو مان  صدر جوڻيجو جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي، زراعت سميت عوام لاءِ پيئڻ جو پاڻي ناياب بڻجي ويو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو، بدين، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٽنڊومحمد خان سميت سموري سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي، آبپاشي کاتي جي ايڪس سي اين ڪوٽڙي موجب سنڌو درياهه ۾ سٺ سيڪڙو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي،ٻنون مان امتياز سومرو جي رپورٽ مطابق  دڙو لڳ لائقپور راڄ واھ نالي وٽ آبادگار اڳواڻ سليمان گگو، وزير احمد لاشاري، حاجي محرم مگسي، غلام لاشاري،  عبدالرزاق لاشاري، سيٺ رسول بخش مگسي، وڪيو مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن مين دڙو، ٻنون حيدرآباد روڊ کي بند ڪري آبپاشي کاتي جي اي سي ۽ ڪچي جون زمينون آباد ڪندڙ بااثر زميندارن خلاف سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ سليمان گگو، وزير احمد لاشاري، حاجي محرم مگسي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪچي جي سوين ايڪڙ زمينن کي آباد ڪندڙ حڪومتي ڌر جو بااثر زميندار ۽ آبپاشي کاتي جو اي سي سنڌو درياھ کي سڌو ڪٽ ھڻي راڄ واھ نالي مان پاڻي کڻي رھيو آھي، هوڏانهن ميرپور ساڪرو بئراج مان نڪريندڙ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج آبادگارن ميمريز  خان علم الدين رند وڏيرو خان رند امين ڪلمتي عبدالرزاق ڪلمتي رشيد ھديو ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ لڌيا اسٽاپ وٽ گھارو ساڪرو روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آبادگارن جو چوڻ آهي  ته پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي،  سامونڊي پٽي وارو علائقو ھئڻ ڪري جر کارو ٿي ويو آهي رتوديرو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين پاڻي ڏيو سنڌ بچايو ۽ پاڻي ناهي چو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا هڻندا شهر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن علي رضا عارباڻي ، انصار علي چنو ،زبير علي ، امجد علي ، يونس ڀٽو ، رحمان علي ، عمران علي ، مبشر علي ، جبل ويسر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هٿ وٺي سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ کي گھرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي هوڏانهن  سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ۾ ڪامريڊ ذوالفقار رستماڻي ڪامريڊ اقبال جمالي چيو ته ھڪ طرف  وفاق پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھيو وڃي ٿو وڃي جنهن سان سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي مٿان وري جيڪو پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ان تي وري سنڌ جا جاگيردار حڪمران ڌر جا وڏيرا ڌاڙو ھڻي پوڇڙي جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهن. مظاهرين وڌيڪ چيو ته ايريگيشن جا عملدار ڳرين رشوتن عيوض سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي کي وڪرو ڪري رهيا آهن مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي مڪمل ڏنو وڃي ۽ سنڌ اندر وري وڏيرن جاگيردارن ھٿان لڳندڙ پاڻي جو ڌاڙو فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.