شهباز ڊراما ڇڏي، ڪيترا به ڪنٽينر رکو ، 20 لک ماڻهو اسلام آباد پهچندا: عمران خان

ايبٽ آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مخالف چون ٿا گرمي وڌي وئي آهي، ماڻهو نه نڪرندا، ڀلي جيترا به ڪنٽينر بيهاري ڇڏيو، منهنجي سڏ تي 20 لک ماڻهو اسلام آباد ايندا. ايبٽ آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن کي توهان جي جنون جو خوف آهي، اسلام آباد ۾ انسانن جو جنون اچڻ وارو آهي، اسلام آباد ۾ رڳو هڪ ئي آواز هوندو امپورٽڊ حڪومت نامنظور، اهي آمريڪا سان سازش ڪري اسان تي مڙهيل آهن، انهن کي قوم ڪڏهن تسليم نه ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي چونڊيل حڪومت کي سازش تحت هٽايو ويو، سازش ۾ هتان جا مير جعفر ۽ مير صادق شامل هئا، مان ڪڏهن آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هيس، ڪڏهن اڏا ڏيڻ تي راضي نه هيس، آمريڪا چاهيو ته مشرف جهڙو سربراهه هجي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف تون پينو آهين، غلام آهين، چور آهين، اسان ڪنهن جا بوٽ پالش ڪرڻ وارا ناهيون، سڄي قوم اسلام آباد پهچي هڪ ئي پيغام ڏيندي امپورٽڊ حڪومت نامنظور، منهنجي سڏ تي 20 لک ماڻهو اسلام آباد ايندا، ماڻهن کي پنهنجي حقيقي آزادي جي جنگ وڙهڻ لاءِ اچڻو پوندو.الله اسان کي نيوٽرل رهڻ جي اجازت ناهي ڏني، نيوٽرل جانور هوندو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.